190

ڀارتي هارين هڪ ڀيرو ٻيهر جهانوي ڪپور جي فلم جي شوٽنگ روڪرائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هارين هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪاره ڪاربوني ڪپور جي ڌيءُ جهانوي ڪپور جي فلم ”گڊ لڪ جيري“ جي شوٽنگ روڪرائي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هاري ڀوپيندرا روڊ تي جهانوي ڪپور جي فلم جي سيٽ تي اچي پهتا، جنهنڪري فلم جي شوٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر روڪرائي وئي آهي. مڇريل هارين فلم جي سيٽ تي جهانوي ڪپور واپس وڃو جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا، جنهنڪري فلم ”گڊ لڪ جيري“ جي شوٽنگ روڪرائي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو