اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب کي نظرانداز ڪري ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا برابر موقعا نه ڏنا ويا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ڪندڙن ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، وهاڙي مان قومي اسيمبلي ميمبر اورنگزيب خان کچي ۽ نور محمد خان ڀاڀا شامل هئا. ملاقات ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ آبادگارن جي لاءِ خصوصي پئڪيج تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اورنگزيب کچي وزيراعظم کي وهاڙي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ پنجاب کي نظرانداز ڪري ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا برابر موقعا نه ڏنا ويا. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو مقصد انهن ضلعن تي ڌيان ڏئي انهن کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي آبادگارن جي لاءِ خصوصي پئڪيج جون تجويزون تيار ڪري رهي آهي جنهن جو اعلان تمام جلد ڪيو ويندو.
172