162

وزيراعظم يا ڪنهن به وفاقي عهديدار وٽ جوابده نه آهيان، سبسڊي شرط تي حيسڪو ۽ سيپڪو وٺڻ لاءِ تيار آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئون سواءِ صوبائي اسيمبليءَ جي وزيراعظم سميت ڪنهن به شخص وٽ جوابده نه آهيان. هن اها ڳالهه اوجها ڪيمپس ۾ ڊائيگنوسٽڪ ڪمپليڪس ۽ ڊاؤ انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير علي زيدي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته آئون هڪ ذميوار شخص آهيان ۽ ان معاملي کي ميڊيا تي نه اٿاريو ويندو. خط بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته علي زيدي بابت منهنجو خط ڳجهو هو ۽ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ميڊيا کي ڪيئن جاري ڪيو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئون سواءِ صوبائي اسيمبليءَ جي وزيراعظم سميت ڪنهن به شخص وٽ جوابده نه آهيان. هن چيو ته منهنجي جواب کي غلط نه سمجهيو وڃي پر حقيقت اها آهي ته وڏو وزير رڳو صوبائي اسيمبلي کي جوابده آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) کي ان شرط تي وٺڻ لاءِ تيار ٿيندي ته وفاقي حڪومت ايندڙ پنجن سالن تائين بجلي جي سبسڊي جاري رکندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون آهن جيڪي وڏي نقصان ۾ آهن. هن چيو ته مون گهڻو اڳ وزيراعظم کي خط لکي لاڳاپيل ٻنهي ڪمپنين کي سبسڊي جاري رکڻ واري شرط تي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا وفاقي حڪومت هن وقت انهن کي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته سبسڊي ايندڙ پنجن سالن تائين جاري رهي ته جيئن اسان انهن کي ٻيهر ٽريڪ تي واپس آڻي سگهون. هن چيو ته هڪ چيني سيڙپڪار ڪمپني سنڌ حڪومت سان ڀاڱي ڀائيواري ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو هلائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهي. مون کي خبر نه آهي ته وفاقي حڪومت پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو ڪو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪورونا ويڪسين جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مون وفاقي حڪومت کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ڪورونا ويڪسين چين کان سڌي ريت خريد ڪرڻ جي اجازت گهري اٿم. هن چيو ته هڪ صوبائي حڪومت جي حيثيت سان مون کي ڪنهن ٻي ملڪ مان سڌي ريت ڪا به شئي خريد ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ان کان اڳ وڏي وزير انسٽيٽيوٽ آف لائيف سيونگ سائنسز ۽ ڊائيگنوسٽڪ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ان جو دورو پڻ ڪيو. جڏهن ته هن اتي گهربل سهولتون ڏيڻ لاءِ 100 ملين روپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو