138

سنڌ حڪومت سينيٽ چونڊ ۾کليل ووٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي سينيٽ چونڊ ۾کليل ووٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت چيف سيڪريٽري ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي ريفرنس رڳو سياست تي ٻڌل آهي. صدر طرفان موڪليل ريفرنس ۾ ڪو قانوني سوال نه اٿاريو ويو آهي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪري، اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ رڳو سينيٽ چونڊن جو طريقي ڪار واضح ڪيو ويو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس ۾ سياست، سماجي، اخلاقي قدرن بابت سوال اٿاريا ويا، جن جو آئين سان ڪو واسطو نه آهي، سينيٽ چونڊن جي طريقي بابت بحث ٿيندو رهيو آهي، صدارتي ريفرنس ۾ اٿاريل سوالن تي عدالت ۾ اڳ به بحث ٿي چڪو آهي، سينيٽ چونڊن بابت قانون سازي پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي. صوبائي سنڌ حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ جون چونڊون آئين جي تحت ٿينديون آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ صرف سينيٽ چونڊن جو طريقو واضح ڪيو ويو آهي. سينيٽ چونڊن تي آئيني آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو