191

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جي 31هين سالگرهه، بلاول ڀٽو سيلفي شيئر ڪري مبارڪون ڏنيون، سالگرهه اسان جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي: آصفا ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي 31 هين سالگرهه ملهائي، سالگرهه جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري، آصفا ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو سان سيلفي ڪڍي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪندي بختاور ڀٽو کي ساگرهه جون مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته سندس ڀيڻ آصفا ڀٽو زرداري به ٽوئٽر تي بختاور ڀٽو زرداري کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته منهنجي ڀيڻ کي سالگرهه جون مبارڪون هجن، هن سالگرهه اسان جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان هڪ نئين شروعات کي پڻ ملهائي رهيا آهيون، الله تعاليٰ اوهان تي اڄ، سڀاڻي ۽ هميشه رحمتون نازل ڪندو رهي، ٻئي طرف بختاور ڀٽو زرداري به ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته سالگرهه تي غيرمعمولي پيار ڏنو ويو، هميشه جيان سڀني جي شڪر گذار آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو