140

علي زيدي نارمل صورتحال ۾ نه آهي، وفاقي سرڪار جي نااهلي جو عذاب عوام ڀوڳي پيو: پيپلز پارٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته علي زيدي نارمل صورتحال ۾ نه آهي، وفاقي سرڪار جي نااهلي جو عذاب عوام ڀوڳي پيو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته لڳي ٿو ته علي زيدي ڪنهن ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، وڏي وزير کان پڇڻ جي دعويٰ ڪندڙ پنهنجي وزيراعظم کان پڇي، وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعظم کان کنڊ، ڪڻڪ، دوائن، پيٽرول ۽ ايل اين جي جي نااهلي تي پڇاڻو ڪيو وڃي، هن چيو ته انهن جي نااهلي جي ڪري ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو ويو، اربين رپيا ڦٻايا ويا آهن، نيب حڪومت جي ساٿاري بڻيل آهي، جيڪو حڪومت خلاف ڳالهائي ٿو انهن  خلاف نيب ريفرنس ٺاهيا وڃن ٿا، هن چيو ته اسٽيل مل اڄ به سنڌ حڪومت وٺڻ چاهي ٿي ۽ ان کي هلائڻ چاهي ٿي، موجوده نااهل ۽ نالائق حڪومت جي ان دور ۾ 42 ارب رپين جو خسارو اسٽيل مل جي مد ۾ ٿيو، پهريان اهو حساب ڪتاب ڏنو وڃي، گيس ڪنيڪشن ڪاٽي اسٽيل مل کي تباهه ڪندڙن کان پڇاڻو ڪرڻ بدران غريب پورهيتن کي ڪڍيو ويو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مراد علي شاهه ئي سنڌ جو وڏو وزير رهندو سندس گرفتاري جون ڳالهيون صرف ڳالهيون ئي آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو