153

وائيس چانسلر پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ نيون ڀرتيون غيرقانوني قرار، جاچ ڪميٽي قائم

ڄامشورو (ڊ ر) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي نئين وائيس چانسلر يونيورسٽي ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران ڪيل ڀرتين جي ڇنڊڇاڻ جو حڪم ڏيندي ٽه رڪني اسڪروٽني ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پاران ڊين سطح جي استادن ۽ آفيسرن تي جوڙيل ٽه رڪني ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا راز ۾ رکڻ جو چيو ويو آهي. نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو طرفان جوڙيل ڪميٽي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت طرفان ڪيل سمورين ڀرتين جا انگ اکر گڏ ڪري انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ۽ ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ تيار ڪري وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو وٽ جمع ڪرائيندي، جيڪا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وٽ جمع ڪرائي ويندي. رابطي ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ٻڌايو ته ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا ڳجھا رکيا ويا آهن ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي جيڪا وڏي وزير وٽ جمع ڪرائي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ رجسٽرار جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ۽ فوتي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل نون ملازمن جي مستقبل بابت فيصلو پڻ اسڪروٽني ڪميٽي جي اختيار ۾ آهي. هوڏانهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو سيوا جي احتجاج ۾ پهچي ملازمن جا مسئلا ٻڌا ۽ حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. وائيس چانسلر چيو ته اوهان جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا، اوهان جا مطالبا نه پر اوهان جو حق آهن جيڪي ڏيڻ کان ڪير به مون کي روڪي نه ٿو سگهي، پر مجبوري اها آهي ته يونيورسٽي کي مالي طور تي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، جيڪا يونيورسٽي اڳ ۾ مالي پريشاني ۾ مبتلا هئي مٿان وري حد کان وڌيڪ ۽ غير ضروري ڀرتيون ڪيون ويون آهن، ضروري ٿئي ها ته فوتي ۽ رٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي نوڪرين ڏنيون وڃن ها. پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سنڌ يونيورسٽي جي مالي خساري بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن اسپيشل گرانٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي، مان سمجهان ٿو ته سنڌ يونيورسٽي مالي خساري ۾ هوندي ته پگهارون به نه ڏئي سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌ يونيورسٽي 1970ع کان وٺي رٽائرڊ ٿيل ملازمن، استادن ۽ آفيسرن کي پينشن ڏئي پالي رهي آهي، ڪجهه سالن کانپوءِ آئون به اوهان وانگر سنڌ يونيورسٽي جو پينشنر ملازم هوندس. ڳالهين کانپوءِ سيوا اڳواڻن چيو ته ڳالهين ۾ ملازمن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ تي پنهنجو احتجاج ملتوي ڪيو آهي، جيڪڏنهن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ٻيهر احتجاج شروع ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو