146

عمرڪوٽ ڀرسان پوليس ڪارروائي، ٻن هرڻن سوڌو2 ڄڻا گرفتار،2 ڄڻا عطا الله ۽ نثار بروهي، ڏنڊ ادا ڪرڻ بعد آزاد، هرڻ وائلڊ لائف کاتي حوالي

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس ڇور روڊ تي ڪارروائي ڪري 2 هرڻ کڻي ويندڙ ٻن ڄڻن عطا الله بروھي ۽ نثار بروھي کي گاڏي سميت گرفتار ڪري ورتو، جن کي وائلڊ لائف کاتي حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار جوابدارن کي وائلڊ لائف کاتي ضلعي عمرڪوٽ جي آفيسر موجب قانون موجب 20/20 ھزار رپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو، جڏھن ته ھٿ ڪيل ھرڻن کي اڄ چيلھار ڀرسان گيم سينچري ۾ ڇڏيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو