149

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 1873 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 1873 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 42 هزار 587 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 1873 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 58 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو