لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته مريم نواز کي حڪومت خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ لاءِ راضي ڪري وٺنداسين. راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ مڪمل هم آهنگي آهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته مارشل لا، پارٽيون ٽوڙي ۽ وزيراعظم امپورٽ ڪري ناڪام رهيا، اسان سڀني کي ان مان سبق سکڻ گهرجي، سياست ۾ ادارن جي مداخلت نه هجڻ گهرجي.
160