194

پي ڊي ايم کي احساس ٿيو آهي ته جمهوري حڪومت جي خاتمي جو اصل طريقو عدم اعتماد آهي: فردوس عاشق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم کي احساس ٿي ويو آهي ته جمهوري حڪومت جي خاتمي جو اصل طريقو عدم اعتماد آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي پارليامينٽ ٻاهريان شوٽنگ هئي جيڪا ختم ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم نظريي جي نه پر موسم واري سياست ڪري رهي آهي. هن چيو ته وسيم اڪرم پلس ن ليگ جي اهم وڪيٽ ڪيرائي آهي، هي اهو سلسلو جاري رکندو، کوکر ڀائرن خلاف آپريشن سبب مريم نواز صدمي واري حالت ۾ آهي، پي ٽي آءِ ۾ جمهوريت آهي، ان لاءِ سڀ هڪٻئي تي تنقيد جو حق رکن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو