ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني 59 ميمبرن جي درخواست تي پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته سيڪريٽري پاران اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
195