ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گئس سلينڊرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي قانون ۾ ترميم بابت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي رمارڪس ڏنا ته اوهان آفيسن ۾ ويٺا رهو ۽ سلينڊر ڌماڪا ٿيندا رهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گاڏين ۾ غير معياري گئس سلينڊرن جي استعمال خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت جي قانون ۾ ترميم بابت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا موٽر وهيڪل قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اها ڪميٽي واري راند نه کيڏو، ڇا ترميم سان غير معياري سلينڊرن جو استعمال رڪجي ويندو؟ اوهان آفيسن ۾ ويٺا رهو ۽ سئلينڊرن جا ڌماڪا ٿيندا رهن؟ سي اين جي سلينڊر لڳرائيندڙ ڊرائيور ته پڙهيل لکيل ناهي هوندو، اوهان ڇا ٿا ڪريو؟ ان موقعي تي پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس جو رڳو شاهراهن تي ڪم هوندو آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته پوءِ آءِ جي سنڌ کي گهرائي ٿا وٺون.
224