ليکڪ: معصوم سنديلو
جڏهن کان انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پير پاتو اٿئون تڏهن کان اسان آڏو هزارين نيون راهون ۽ انهن تائين رَسڻ جا هزارين نوان گس کليا آهن. پر ان ڊجيٽل لائيف هزارين درد لا دوا به ڏنا آهن، جنهن ۾ هڪ وڏو درد شخصي نويڪلائپ جو انت آهي.اڄ جو ڊجيٽل يا اليڪٽرانڪ انسان چاهي ٿو ته پنهنجو اندر چيري ايڪسري رپورٽ انٽرنيٽ تي رکي ۽ انهيءَ جُستجو ۾ رهندي هُو ٿڪجي پوڻ تائين بستري ۾ پيو ٿو پنهنجي منهن ڪيڏي مهل مُٺيون ڀيڪُوڙي، ڏند ڪُرٽي يا ڪڍي، کيس جڳ جهان جي سموري اُٿل پُٿل جي خبر آهي بس رڳو هُو جيڪڏهن بي خبر آهي ته پنهنجي آسپاس کان، اُهو آسپاس جنهن ۾ هُن جو پنهنجو عملي وجود ۽ ساڻس لاڳاپيل رت ۽ سڪ جا رشتا ۽ مٺا پيارا آهن، اُنهن لاءِ ئي وٽس وقت ڪونهي ۽ رڳو سوشل ميڊيائي زندگيءَ جو ڪردار نڀائيندي سهڪي ساڻو ٿي پيو آهي، وٽس کائڻ پيئڻ جو هوش ناهي، گهر ڀاتين جي موجودگيءَ ۾ گُم هجڻ جو احساس به کيس نه ٿو لڄائي، بس هر ڪو هڪ نئين پوسٽ جي اپلوڊنگ واري فڪر ۾ ڦاٿل آهي. زندگيءَ جو اليڪٽرانڪ وجود هڪ نئين پوسٽ جي تخليق تائين رولاڪ روح وانگي سوشل ايپس تي پيو ٿو مٿو کپائي ۽ ٻين جي پوسٽس کي ڏسي يا ته پنهنجي شڪار لاءِ ذهني ڄار ٿو اُڇلائي يا وري تيستائين ٻين جي پوسٽن کي رسمي لائيڪنگس ۽ پيٽينٽ ٽائيپ تبصرن مان گذاري ٿو، جنهن لاءِ وٽس اسٽيڪرز ۽ آءِ ڪونز جا هزارين آپشنز موجود آهن، جن کي استعمال ڪندي هُو سمجهي ٿو ته هُو صحتمند بحث مباحثي جو حصو ۽ حامي آهي ۽ پوءِ غنودگيءَ جي ڇانئجڻ تائين لڳو ٿو رهي ۽ سندس ساري ڏينهن جي سوشل ميڊيائي سرگرمين جو انت اکين ۽ مٿي تي بار، بي آرامي ۽ بيچيني تي ٿئي ٿو.اليڪٽرانڪ زندگي به در تي ٻڌل مينهن وانگي ڀاڙي تي هريل آهي، ان زندگيءَ جي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ هر ماڻهوءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو هزار رپين جي موبائيل فون، روز پنجاهه رپين جو لوڊ، وقت جهڙي قيمتي سرمائي جو اڌ کان وڌيڪ حصو خرچ ڪرڻو پوي ٿو تڏهن وڃي انهيءَ ڊرامي بازي ۾ رنگ ڀرجن ٿا ۽ پوءِ لائيڪنگس ۽ فالوورز جو وڌندڙ انگ ڏسي ڏسي هر ڪو ٺَريو پيو ٺري ۽ جڏهن انٽرنيٽ جي عينڪ لاهي آسپاس کي ڏسي ٿو ته گهر ڀاتي گوگهرن ۾ گُم ۽ پاڻ اوٻاسين ۾ پورو آهي، درد کان سندس لڱ چيچلائجن ٿا.دل ٿي چئي ته خانگي خالص زندگيءَ جو ساهه گهُٽيندڙ اليڪٽرانڪ زندگيءَ کي خانگي زندگيءَ ۾ خلل وجهڻ جي ڏوهه ۾ ريلوي پٽڙيءَ تي اُڇلائي ڇڏيان ته جيئن هيءَ نجي زندگي سڪون جو ساهه کڻي سگهي پر مان گڏوگڏ ان زندگي جي پئدا ڪيل آسانين جو به انڪاري ناهيان ۽ سمجهان ٿو ته انهن آسانين انسانن جي بار کي گهڻو گهٽائي کيس هلڪو ڦلڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي کيس ڀري ڪتابن جي پُٺاڙن تي رکي ڪنهن محاذ تي وڃڻ جي ضرورت ناهي، بس هٿ جي تريءَ کي رڳو ڏسڻ سان ئي آسانين جي اڱڻ تي پهچي وڃي ٿو، اليڪٽرانڪ وجود جي هڪ وڏي ڪرامت اها به آهي ته اڳي رڳو خاص ماڻهو ئي راءِ رکڻ ۽ تبصرن جو پئداشي حق پاڻ وٽ محفوظ رکندا هئا پر هاڻي ان عام ماڻهوءَ جي آواز کي به رونق بخشي آهي پر اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڪا ڳجهي اک اسان کي غور سان ڏسي رهي آهي، اهڙي ڳجهي اک جنهن کي اسان جي، اسان کان وڌيڪ خبر آهي، ان اک کي خبر آهي ته اسان اڄ تائين ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، اسان جي ذاتي معلومات ڪهڙي آهي، اسان ڪهڙو مواد ڏسندا ۽ پسند ڪندا آهيون، اسان جي تبصرن جي ليول ڪهڙي آهي، مطلب ته اسان جو سڀ ڪجهه ان ڳجهي اک جي ڪينواس ۾ قيد آهي ۽ اسين ان آڏو بس ڄڻ ته ايڪسري مشين مان نڪتل ڪو فوٽو آهيون، اها ايڏي ساري جُٺ اسان سان، اظهار جي آزادي، معلومات جي فراهمي ۽ اسان کي باخبر رکڻ جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، مون کي هڪ ئي زندگيءَ جي ٻن ڌار محاذن تي اداڪاري ڪندي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ مان ٻنهي زندگين سان انصاف نه پيو ڪيان ۽ ميڻ بتيءَ کي لڳل باهه وانگي منهنجو وجود ڳري سڙي رهيو آهي ۽ منهنجي آسپاس روشنيءَ جي نالي تي رڳو اونداهه جو راڄ آهي، تنهنڪري مون ته پنهنجي اليڪٽرانڪ زندگي يا ته مڪمل طور ختم ڪرڻ يا ان کي محدود ڪرڻ تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو آهي، ڇا توهان به مون وانگر ساڳين مسئلن مان گذرو پيا يا توهان وٽ وري انهي تناظُر ۾ ڪا ٻي عينڪ آهي، جنهن جون رنگينيون توهان لاءِ راحت جو سبب آهن، بهرحال زندگي ۽ اُن جي ٻن سڃاڻپن واري ڳالهه ۽ انهي ۾ منهنجي ڪردار ۽ نڀاءُ واري سوال منهنجون ته متيون مُنجهائي ڇڏيون آهن.
masoomsandeela@gmail.com