ليکڪ: علي عاجز
جنوري جي سرد رات …حيدرآباد جو شھر چوٽا ڪپور ڀري، چپ چنار ڪري ستل سدا سهاڳڻ سون ورني سونهن راڻي جيان سانت جي سوڙ اوڍي ستو پيو آهي، آواز هاڻ آرامي آهن. گهري سانت ۽ سنساني جي عالم ۾ اوچتو ريل جي ڪوڪ ڪنهن ڪمهلي اڏايل ڪونج جي رڙ جيان ٿي ڀاسي. ريل جيڪا سنڌ جا کيت ۽ کيرٿر جهڙا پهاڙ پار ڪندي وارياسا پٽ ۽ وڻراھ وستيون ۽ ويرانا اجگر شھر ۽ ڳوٺڙا ڇڏيندي رائر رانجيت سنگهھ جي راڄ ڌاني ڏانهن رخ ڪندي آهي، منهنجي وطن جا وسيلا لٽي ۽ لُٻي غزنوي جي گهوڙي جيان سون سان سٿجي، ڪمون شھيد کان ڪراس ڪري سرحد اُڪري پرين پار هلي وڃي ٿي. مونکي پنجابي ٻولي جو شانائتو شاعر منير نيازي ياد اچي ٿو. آئون گول بلڊنگ وٽ آڏواڻي خاندان جي اڏايل شاهڪار گهر ڀرسان ٺھيل گهڻ ماڙ فليٽن جي هڪڙي ڪمري ۾ اڪيلائي جو اوڇڻ اوڍي سوچن جي صليب تي مرڪي رهيو آهيان، محبت …فطري خواهشون… نخرا ناز انداز ھي سڀ ڇا آهن؟ ڇو آهن. ماڻھو آخر ڇا آهي. ڇو آهي؟ جڏهن جواب نه ٿو لهي سگهان ته اٿي سگريٽ جي سرير کي تيلي جو تجلو ڏيکاري، اونهو ڪش ھڻي دونهون ٻاهر ڇڏي ٿو ڏيان. دونهون سنھڙا سنھڙا ڇلڙن جهڙا دائرا ٺاهيندو، هوا ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو. پوءِ ڳچ دير تائين پن ڇڻ رُت جي اداسي جهڙي ڪيفيت ۾ قابو ٿي وڃان ٿو. هر جوان جماڻ جيو جي اندر ۾ عشق جو سلو آخر ڇو ٿو اُپڙي. سوچيندي سگريٽ جو ٽوٽو ايش ٽري ۾ اڇلي ڇڏيان ٿو،Love is misundersting between two fools، ڇا وليم شيڪسپئر سچ چيو آهي؟ جي ڪڏهن عشق ڪنهن اذيت پسند محبوبه سان آهي ته پوءِ ضرور هن صحيح چيو آهي، پر عشق جي معاملي ۾ مشرقي عورت اذيت پسند ناهي، جي ايئن هجي ها ته سھڻي لهرن پاند لڙهي ميھار سان ملڻ نه اچي ها، سسئي رڻ لتاڙي پنھون پويان پنڌ نه ڪري ها، آئون سوچن جي صحرا مان پار نه ٿو پوان، رات رڙهندي رهي ٿي، تان جو پرھه پنهنجي پويتر بدن تان برقعو هٽائي، وڏي اسر ويل سنجوڳ ڪري بي سڌ ٿي ستل مرد جهڙي سورج کي سجاڳ ڪري ٿي، سورج اٿڻ جي ڪري ٿو ته آسمان تان ستارا هڪ ٻئي پويان الوپ ٿيندا ٿا وڃن. حيدرآباد جي رستن تي گاڏين جا گهوگهٽ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ حياتي حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي، ٺيڪ انهي وقت آئون سرحد پار جي سُرجھڻار هري ھمٿاڻي جي ناول ”اُساٽ ” ڏانهن آخري نظر وجهي سمهڻ چاهيان ٿو، جيڪو اڄ رات ئي پڙهي پورو ڪيو هو، هري همٿاڻي جي لکيل هن ناول اُساٽ جو ذڪر مرتضي راهمي مون سان اياز ميلي مان واپس ايندي رستي ۾ ڪيو هو، تازو ئي سن وڃڻ ٿيو ته ڪتابن جي اسٽالن تي ڪاشف مري ۽ اعجاز جتوئي سان گڏ ڪتاب خريد ڪندي هي ناول به ملي ويو. جيڪو هند ۾ ڪونج رسالي جي پوري شماري تي سال 2010ع ڌاري ڇاپيو ويو. سنڌ ۾ وري موهن مدهوش جي اداري ڪويتا پبليڪشن پاران سال 2014ع ۾ شايع ڪيو ويو. جنهن جا پيش لفظ شوڪت حسين شوري لکيا آهن. رومانس سان ڀرپور رنگين ٻولي سان سرشار هن ناول جي ڪٿا ورهاڱي جي واءُ گهلڻ بعد ڪراچي ۾ رهندڙ هڪڙي ماني مڇي واري سنڌي ڪٽنب جي نوجوان عينشي ۽ هندوستان مان هجرت ڪري آيل زهره جي پريم پنٿ تي آهي. جيڪا اکين ۾ عشق جا املتاس جي گلن جهڙا ڦول ڦٽڻ کان شروع ٿي آخري ڀاڪر تي اختتام پذير ٿئي ٿي. ان وچ ۾ مختلف لمحن جا لمس، ڊپ جون ڪيفيتون، خوشين جا کيرٿر جيڏا احساس، چپن جي چاشني ۽ وڇوڙي جي زهر جا ذائقا محسوس ڪري سگهجن ٿا، جن ۾ ليکڪ ايترو ته ڪامياب ويو آھي. جو هوبهو اکين آڏو ٿيندي ڏسي سگهجن ٿا. ناول ۾ عينشي ۽ زهره جي ڪردار کانسواءِ اولاف ۽ ريمي جا پڻ مددي ڪردار اچن ٿا، جڏهن ته عينشي جي پيءُ، سندس ڪاروباري ساٿي ھيمنداس، عينشي جي دوستن، صديق زهره جي ڀاءُ محبوب زهره جي فوت ٿي ويل مڱيندي اقبال ۽ محبوب جي زال سلمي جا ثانوي ڪردار اچي وڃن ٿا، ناول جي باقاعده شروعات ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچي جو ذڪر ٿيڻ سان ٿئي ٿي، جيڪا هن ريت ڪري ٿو ته، ”شام جي وقت صدر بزار جي رونق ۽ خوبصورتي جي مشابهت جيڪڏهن پئرس جي ڪنهن مشھور بزار سان ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڪراچي جا تمام ھنس ۽ ھنسڻيون بزار جي چمڪيلي سڙڪ تي ترندي نظر ايندا ھئا، سج لهڻ کان پوءِ طرح طرح جي رنگين بتين جي روشني، اُن رونق کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي هئي، پر ورهاڱي بعد اُتي به ڄڻ بجلي ڪري هئي، چوطرف هاڻي اجنبيت جي چادر چڙهي وئي هئي. جيڪڏهن ڪو حسين چھرو ھئو به ته بُرقعي ۾ ڍڪيل“ ھن تتل ڏينھن ۾ عينشي جو خاندان سنڌ ڇڏي هند هجرت ڪري ٿو ته سندن پيءُ دال روٽي واري ڌنڌي جي سنڀال لاءِ ھيمنداس سان هٿ – همراهي لاءِ ھتي ڇڏي وڃي ٿو. اهي ڏينهن ڏورڻ خاطر عينشي پنهنجي دوست صديق سان گڏ ڪافي هائوس جي انهي ڪنڊ ۾ اچي ويھي ٿو. جتي هو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ پنهنجي دوستن يارن سان ويھندا هئا، اتي هو ساروڻين جا سارس اڏندي پسن ٿا ۽ پوءِ سوچين ٿا. ”هر هڪ موتي سمان اِن طرح موتين جي ڪڏهن ننڍي ته ڪڏهن وڏي مالها ٺھي ويندي آهي“. تن ڏينهن ۾ بالڪني ۾ بيھندي هو سامهون واري گهر جي ڇت تي بيٺل ڇوڪري کي پاڻ ڏي گهوريندي ڏسي ٿو، ليکڪ انهن منظر جو ائين اظھار ڪيو آهي ته ”مون کي ائين ڀاسي رهيو هو ته اسر جو چنڊ سامهون بالڪني ۾ لهي آيو هو. ايڏي دوري تان چاندني جي سيتلتا مان لطف وٺي رهيو هوس. اُھو گلابي مکڙو ڄڻ ماڪ ڀنل رابيل وانگي ڀاسي رهيو هو“. اڳتي هلي ڪري اولاف ۽ ريمي جي مدد سان هو ويجھا ٿين ٿا، تان جو اونداهين راتين ۾ چپ ٻاري روشني ڪن ٿا. عينشي کي زهره ٻڌائي ٿي ته هن ۾ کيس هوبهو پنهنجي فوت ٿي ويل مڱيندي اقبال جو عڪس نظر اچي ٿو، اهو ايتري قدر مشھابت رکي ٿو جو هڪ ڏينهن ڪافي هائوس ۾ زهره جو ڀاءُ اقبال به مٿس شڪجي پوي ٿو ته ڄڻ منهنجي سامهون اقبال ويٺو هجي. ميل ملاقاتن جو هي سلسلو عينشي جي پيءُ جي واپس اچڻ تي پڄاڻي تي پھچي ٿو. آخرڪار سندن پيءُ دڪان جو وڪرو ڪري پوني وڃڻ جو سنڀو ڪري ٿو، ھو وڃڻ کان هڪ رات اڳ زهره سان ملي ٿو ته اها کيس بخار ۾ ٻرندي محسوس ٿئي ٿي. جو هنن هڪ ڏينهن اڳ بولٽن مارڪيٽ ۾ قتل عام ٿيندي ڏٺو هو. وڃڻ واري ڏينهن تي عينشي ڏسي ٿو ته سندس خوابن جي راڻي کي ايمبولينس ذريعي اسپتال نيو وڃي ٿو، نيٺ ٻئي ڏينهن وطن مان جلاوطن ڪيل پکي پرڏيھه ڏانهن اڏام ڪن ٿا، وقت جو ڪانٽو ڪٽ ٽو ڪٽ جي آواز سان اڳتي هلندو رهي ٿو. عينشي کاتي ۾ ريلوي ۾ آفيسر ٿي وڃي ٿو. هندوستان ۾ ئي ماءُ جي مرضي سان هڪڙي سورج – مکي گل جهڙي سھڻي اپسرا سان شادي ڪري ڇڏي ٿو، ورھيه گذري وڃن ٿا، هن کان آھستي آھستي زهره جي يادگيري وسرندي وڃي ٿي جو اوچتو هڪ ڏينهن ريلوي اسٽيشن تي ساڻس دوست ملي ٿو. جيڪو پنهنجي زال سلميٰ، ڀيڻ زهره ۽ ڀيڻيوي الطاف سان گڏ ھندوستان آيل آهي . هو کين پنهنجي گهر رهائي ٿو، جو سندس زال مائٽن ۾ ويل آهي. ٻه چار ڏينهن کين گھمائي ٿو. پر نيڻ ملائڻ جي سگهھ نه زهره ساري سگهي ٿي. نه وري عينشي. آخري ڏينهن تي هو زهره کي پرچي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، صبح ڌاري هو هليا وڃن ٿا. ريل اسٽيشن تان اڳتي وڌي ٿي ته کين هٿ هوا ۾ هلندي نظر اچي ٿو ۽ زهره جا آخري الفاظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ”خدا حافظ“ جيتوڻڪ دور جديد ۾ ناول ۾ ذڪر ڪيل انهن ڳالھين جي به ڪا خاص اھميت ڪانهي رهي. پر اڄ کان اڌ صدي اڳ واري عشق …وڇوڙي… اهنجن ۽ ارمانن جي عڪاسي ڪري ٿو، ناول جي ڪلائمڪس وقت بيان ڪيل ڳالهھ ۾ جهول نظر اچي ٿو ته انتظار ڪندڙ عينشي پنهنجي ڪمري ۾ گهگهھ اونداھه آخر ڇو ڪري ڇڏي. جيتوڻڪ هو باٿ روم جي بلب جو بٽڻ آن ٿيڻ جو آواز به ٻُڌي ٿو زهره کي ويندي به ڏسي ٿو .مگر پنهنجي ڪمري جو بلب به نه ٿو ٻاري ته ڪا ٽيبل لمپ ڪا مڌم روشني واري ميڻ بتي به نه ٿو ٻاري، ناول ۾ اهڙا ڪجهھ سوال رهجي وڃڻ کان پوءِ به نفيس احساسن جي ڪومل ڪلا سان اُڻت اُڻي وڃڻ ۾ سرحد پار جو هي ساھتيڪار ڪامياب ويو آهي. آئون اوڀر ڏانهن رخ ڪري سندس نالي هڪڙي فلائنگ ڪس امن جي اڇي ڪبوتر جيان اڏاريان ٿو. شال اها چمي چنھنبدار تارن ۾ اٽڪي ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان بچي وڃي.