سنڌيڪار: سرمد جتوئي
پوپٽن جي ڦر ڦر ڪندي اڏام ڪيتري ئي عرصي کان شاعرن لاءِ دلي سڪون ۽ سائنسدانن لاءِ چڪرائڻ جو سبب رهندي آئي آهي، محققن کي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي رهي آهي ته هي نازڪ بدن جاندار پنهنجي وڏن پر ناڪافي پرن سان ڪيئن اڏامي ٿو، هاڻي هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته پوپٽ پنهنجي پرن کي گولائي ڏئي هڪ خاص زاويي سان تاڙي وڄائڻ واري انداز سان پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا جنهن سان هوا مٿان دٻاءَ پئي ٿو ۽ ان جي ردعمل ۾ هي نرم ۽ نازڪ ڪيڙا پنهنجي منزل طرف سفر ڪن ٿا. اها تحقيق رائل سوسائٽي آف انٽرفيس نالي رسالي ۾ شايع ٿي آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو طريقو پوپٽن کي خطرناڪ شڪارين کان بچائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿو، جاندارن جي اڏامڻ واري لڪاءَ موت کان بچڻ جا مختلف طريقا ٺاهيا آهن، ڪجهه جا پر وڏا ۽ طاقتور ٿين ٿا، جن جي مدد سان هو تيزي سان خطري کان پري نڪري وڃن ٿا، ڪجهه ڪيڙا کاڌي ۾ ايترا بد ذائقا ٿيندا آهن جو شڪار انهن تي حملو ڪرڻ جي تڪليف ئي نٿو ڪري، ته پوءِ لاپرواهي سان آهستي آهستي اڏامندڙ پوپٽ بابت نيٺ ڪهڙو خيال آهي؟ انهن نازڪ بدنن جي مشڪل اها آهي ته سندن پر باقي جسم جي مقابلي ۾ غير معمولي طور تي وڏا ٿين ٿا، جيڪي اڏامڻ جي قانونن جي اعتبار سان اڏامڻ جي اهل نه آهن، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ محققن اهو نظريو پيش ڪيو هو ته پوپٽ جا وڏا پر جڏهن مٿي طرف پاڻ ۾ ٽڪرائين ٿا ته پوپٽ کي اڏڻ ۾ مدد ملي ٿي پر قدرتي ماحول ۾ اڏامڻ دوران ڪو به سائنسدان ان جو عملي مظاهرو نه ڪرائي سگهيو هو.هاڻ سوئيڊن جي سائنسدانن هڪ ونڊ ٽنل يا هوائي سرنگ ۽ هاءِ اسپيڊ ڪئميرائن جي مدد سان پوپٽ جي ان مخصوص طرز واري اڏام جي عڪس بندي ڪئي آهي، سوئيڊن ۾ رپورٽ جي شريڪ مصنف ڊاڪٽر پر هينن گسن جو چوڻ آهي ته ”پر هڪ نهايت دلچسپ انداز ۾ حرڪت ڪن ٿا“ پرن جا اڳيان ۽ پويان حصا مرڪزي حصي سان پهريان پاڻ ۾ ملن ٿا، جنهن سان هڪ گولائي يا پيالي نما شڪل وجود ۾ اچي ٿي. اسان جي خيال ۾ ان طرز عمل سان پرن جي وچ ۾ هوا قيد ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن پر مڪمل طور تي ملن ٿا ته اها هوا تيزي سان خارج ٿي پوپٽ کي اڳتي ڌڪي ٿي، پوپٽن جي اڏام جي سلو موشن وڊيو ٺاهڻ کانسواءِ محققن ٻه چمٽا به تيار ڪيا ته جيئن پنهنجي نظريي جي آزمائش ڪري سگهن، هڪ سخت هو ۽ ٻيو پوپٽ جي پرن وانگر لچڪدار، محققن جي ٽيم ڏٺو ته لچڪدار پرن واري چمٽي کي جڏهن ونڊ ٽنل ۾ آزمايو ويو ته ان ۾ ڊرامائي طور تي وڌيڪ قوت پيدا ٿي ۽ ان سان ڪارڪردگيءَ ۾ 28 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪو سائنس جي نظر ۾ اڏامندڙ جاندارن لاءِ تمام وڏو نمبر آهي، سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته پيالي نما وڏن پرن جي (تاڙي وڄائڻ واري انداز ۾) ڦڙڦڙائڻ واري عمل پوپٽن کي پنهنجي ارتقا دوران شڪارين تي طاقت ڏني آهي، ڊاڪٽر پر هينن گسن چوي ٿو ته جيڪڏهن اوهان پوپٽ آهيو جيڪي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڦڙتي سان اڏي سگهن ٿا ته ان سان اوهان کي يقيني فضيلت حاصل ٿي وڃي ٿي، اهو هڪ ڪوي ۽ مخصوص دٻاءَ آهي ڇو ته معاملو زندگي ۽ موت جو آهي. مون کي خبر نه آهي ته ائين هو اڏام ڀرڻ کانپوءِ به ڪن ٿا پر منهنجي خيال ۾ ان وقت هو پنهنجي پرن کي پاڻ ۾ نٿا ملائين پر اڏام ڀرڻ وقت هو يقينن ائين ئي ڪن ٿا، محققن جو خيال آهي ته سندن تحقيق زندگيءَ جي ٻين شعبن لاءِ به فائدي واري ٿي سگهي ٿي، ڪجهه ڊرون ۽ پاڻي جي هيٺان هلندڙ مشينن ۾ به ڦڙڦڙائڻ جي عمل تي مشتمل پروپلشن سسٽم يا اڳتي ڌڪڻ جو نظام اڳ ئي محدود پئماني تي استعمال ٿي رهيو آهي ۽ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پوپٽن جي اڏامڻ جو انداز اختيار ڪري انهن مشينن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.