153

حڪومتي قدم، قومي ترقي ۽ عوامي ڀلائي وارو سوال..؟؟

ليکڪ: وسعت الله خان

ٻي جماعت ۾ اسان پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو منظور ٿيل قاعدو پڙهندا هئاسين جنهن ۾ پاڪستان جي سرحدن، صوبن ۽ پاڪستان جي قيام جو آسان ٻوليءَ ۾ سبب ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ملڪي صدر جو به تعارف هيٺين لفظن ۾ ڪرايو ويو هو، اسان جي صدر جو نالو جنرل آغا محمد يحيٰ خان آهي ۽ کيس هر وقت ملڪي تعمير ۽ ترقي جو خيال رهندو آهي، پاڪستان سندس قيادت ۾ مسلسل ترقي ڪري رهيو آهي، ٽن سالن کانپوءِ ٻي جماعت جو اهو قاعدو ته نه تبديل ٿيو پر هڪ نالو تبديل ڪيو ويو، ان کانپوءِ مون ٻئي درجي جو قاعدو ته نه ڏٺو پر جيڪڏهن اڄ به اهو قاعدو مروج آهي ته يقينن ان ۾ لکيل هوندو ته اسان جي وزيراعظم جو نالو عمران خان آهي، هو بيدار مغز شخصيت آهن ۽ کين هر وقت ملڪي تعمير ۽ ترقي جو خيال رهي ٿو، پاڪستان سندس قيادت ۾ مسلسل ترقي ڪري رهيو آهي، ان وٺ وٺان واري قاعدي کان هٽي ڪري هر حڪومت وانگر موجوده حڪومت جي به نيت صاف آهي، منزل ڀلي آسان نه هجي، جڏهن خان صاحب جولاءِ 2018ع ۾ اقتدار تي چڙهيو ته اڳوڻيون حڪومتون پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ 90 بلين ڊالرن جا غير ملڪي قرض وٺي چڪيون هيون، پوين اڍائي سالن ۾ گذريل غلط پاليسين کي ڊاهي نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ 24 ارب ڊالر جو قرض وٺجي چڪو آهي، يعني قومي بجيٽ ۾ سڀ ملائي وياج سميت تقريبن 11 ارب ڊالر ساليانو انهن قرضن جي واپسي لاءِ رکڻا پئجي رهيا آهن، مطلب ته سموري قومي بجيٽ وياج، دفاع، ۽ انتظامي خرچن جي مد ۾ گهٽ ۾ گهٽ برابر ٿي وڃي ٿي، ان شيطاني چڪر مان نڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت سرٽوڙ ڪوششون ڪري رهي آهي، گئس ۽ بجلي تي سبسڊي مسلسل گهٽائي پئي وڃي، ٽئڪس نيٽ ۾ وڌ کان وڌ ڪمپنين ۽ فردن کي آڻڻ جي ڪوشش آهي، بيمار ۽ خساري وارن ادارن کي يا ته ختم ڪيو پيو وڃي يا وري هڪٻئي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي ته جيئن خرچ گهٽ کان گهٽ ٿي سگهن، اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جهڙن سفيد هاٿين کي به ڪاون هاٿيءَ وانگر ڪنهن خدا ترس سونپڻ لاءِ ڪنهن سرمائيڪار جي ڳولا جاري آهي،  موجوده حڪومت کان اڳ ڀُٽي کان نواز شريف تائين دورن جي 46 سالن ۾ سرڪاري ۽ ڪمرشل بئنڪن 400 کان وڌيڪ نجي ڪمپنين، ادارن ۽ فردن کي دٻاءَ، سفارش ۽ واقفيت جي بنياد تي ڏنل اڌار ۾ لڳ ڀڳ 500 ارب رپين جا قرض ڏاڏي جو مال سمجهي رائيٽ آف ڪري ڇڏيا، سٺي ڳالهه اها آهي ته موجوده حڪومت قرض رائيٽ آف ڪرڻ جي پاليسي تي عمل نه پئي ڪري پر نيب اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ جارحاڻي طريقي سان ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي کير تي پلجندڙن جي پويان پيل آهي، نه صرف پاڪستان پر پاڪستان کان ٻاهر به چوري ۽ ڦرمار جي مال جو پيڇو سرگرميءَ سان جاري آهي، پرڏيهي ملڪ ۾ پاڪستانين جي پئسي کي راغب ڪرڻ لاءِ روشن پاڪستان ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ نئون پاڪستان انويسٽمينٽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جهڙيون اسڪيمون به ڪامياب ٻڌايون ويون آهن، جيڪڏهن اهي سمورا منصوبا ڪامياب ٿي ويا ته انشاءَ الله ايترو پئسو ضرور گڏ ٿي ويندو جو اسان جي رياست قرضن جي وياج، دفاعي ۽ انتظامي خرچن کان بچي ويندڙ رقم سان پي آءِ اي جي پرڏيهي ملڪ ۾ ضبط ٿيندڙ ڪنهن به جهاز، روزو ويلٽ هوٽل نيويارڪ ۽ اسڪائب هوٽل نيويارڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي. ريڪوڊڪ ٽامي جي ذخيرن جي ٺاهه کي رد ڪرڻ تي ٽيٿيان ڪمپني کي 6 ارب ڊالرن جو ڏنڊ به ڀري سگهجي ٿو، جنهن اصلي براڊ شيٽ ڪمپني نيب سان قانوني هٿ ڪري عدالت ذريعي 29 ملين ڊالر هڙپ ڪري ورتا آهن ۽ هڪ ٻي جعلي براڊ شيٽ اڍائي ملين ڊالر اڳ ئي کيسي ۾ کڻي وئي آهي، ان سموري غفلطي نقصان جو پوراءَ ٿي سگهي، مفرور ايم ڪيو ايم جي باني کي پاڪستان آڻڻ جي ڪوششن ۾ غير ملڪي وڪيلن گذريل ٽن سالن ۾ 135 ملين رپيا ادا ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ادا ٿيڻا آهن، انهن موجوده ۽ امڪاني خرچن جي ڀرائي به ٿي سگهندي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين کان پوري بجلي نه خريد ڪرڻ باوجود کين سندن ڪل پيداوار جي مڪمل ادائگي جو توڪ 2300 ارب رپين جي گردشي قرضن جي صورت ۾ سرڪار جي ڳلي ۾ پيل آهي، مالياتي رڪوري ۽ اصلاحن جي نتيجي ۾ اميد آهي ته ان طوق جو بار به گهٽ ٿي ويندو. انهن سمورن مدن ۽ بقاياجاتن کي ڪليئر ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري خزاني ۾ باقي جيڪي 167 رپيا 49 پئسا بچي ويندا اهي يقينن عوامي ترقي ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ تي سئو سيڪڙو خرچ ٿيندا..انشاءَالله.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو