152

آمريڪا جون اندروني حالتون ۽ بائيڊن جا چئلينج…

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

جوبائيڊن پنهنجي صدارتي قسم کڻڻ جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ سترھن ايگزيڪيوٽو آرڊر، ميمورينڊم ۽ ھدايتون جاري ڪيون جنهن سان اڳوڻي صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا طرفان شروع ڪيل اڪثر پاليسين کي مڪمل طور تي رد ڪندي ھڪ دفعو ٻيھر آمريڪا کي بين الاقوامي ٺاهن ۽ پاليسين ڏانهن وٺي اچڻ جو  اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ جي پاليسين آمريڪا جي عالمي طاقت واري تصور ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ھئا ۽ ملڪ کي گورا انتھاپسنديءَ جي آڙاھه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ھو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته واشنگٽن ۾ سخت سڪيورٽي ھوندي به ڪيپيٽل ھل تي ھڪ خوفناڪ حملو جنهن ۾ وڳوڙي ھائوس جي اسپيڪر نينسي پلوسيءَ ۽ نائب صدر مائيڪ کي ڳوليندا ٿي رهيا پر ھنن باٿ رومن ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي ـ وڳوڙين نه صرف ھائوس ۾ ڀڃ ڊاھه ڪري سامان کي ٽوڙيو پر انهن مان ھڪ وڳوڙي عورت ته  نينسي پلوسيءَ جو ذاتي ليپ ٽاپ کڻي وئي جنهن ۾ سرڪاري رازن وارا دستاويز ۽ ميلز موجود ھيون، ان عورت ٻئي ڏينهن وري پلوسي وارو ليپ ٽاپ آن لائين کپائڻ جي لاءِ نيٽ جي ذريعي روسي اختيارين سان رابطو ڪيو ھو، اها جلد گرفتار ٿي وئي ۽ ساڳيءَ طرح ٻين سوين فسادين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، اھڙي پس منظر ۾ جوبائيڊن جي صدارتي قسم کڻڻ واري تقريب سخت سڪيورٽيءَ ۾ ٿي ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ ھزارين سول ۽ ملٽري جوان موجود ھئا جن جو تعداد افغانستان، عراق ۽ شام ۾ موجود آمريڪي فوجين کان به وڌيڪ ھو مقصد ته انٽيليجنس  ادارن جي ھڪ رپورٽ جي مطابق فورسز ۾ موجود ھر پنجون فوجي انتھاپسند گورن جو حمايتي ھو ۽ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي پئي سگهيو ـ انٽيليجنس ادارا سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي گورن کي اڪسائيندڙ تنظيم ڪيو اينان جي سرگرم ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي ھر صورت ۾ ٽرمپ کي صدر ڏسڻ پيا چاهين، ڪيو اينان عالمي سطح تي سازشي نظريا پکيڙيندڙ تنظيم جي آمريڪي شاخ آهي، جنهن ٽرمپ جي حمايتي تنظيم پرائوڊ بوائز کي ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح سان اڪسايو، ڪيو اينان جي تفصيلي ۽ تجزياتي رپورٽ بي بي سي جي پيج تي پئي آهي. صدر بائيڊن جي قسم کڻڻ کان پوءِ وارين تڪڙين ترجيحن ۾  ڪورونا جي وبا کي روڪڻ لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ويڪسين کي ھر فرد تائين پھچائڻ جي لاءِ ھڪ سئو ڏينهن وارو چيلينج پروگرام پڻ شروع ڪيو اٿس، ھن جو ٻيو اھم قدم مسلم ملڪن تان ويزا جون پابنديون ھٽائڻ آهي، ٽيون اھم قدم وري پئرس ڪلائيميٽ اڪارڊ ۾ وري شامل ٿيڻ آهي، جنهن کي ٽرمپ مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ھو، نسلي فرق ختم ڪرڻ سان گڏ جنسي آزادي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو اٿس، معاشي بحالي جي لاءِ پڻ آرڊر جاري ڪيو اٿس پر صرف آمريڪا جي معاشي حالت کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ باقي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۽ اوباما دور جي ٽرانس پيسيفڪ ٽريڊ پارٽنرشپ جي لاءِ ڪو به حڪم نه ڏنو اٿس ۽ نه ئي ٽرمپ جي طرفان شروع ڪيل آمريڪا فرسٽ پاليسي خلاف ڪو قدم کنيو اٿس، ڇاڪاڻ ته ان جي بنياد تي ئي چين سان واپاري جنگ شروع ٿيل آهي، جيڪا ڪورونا جي ڪري ملتوي ٿيل آهي، ساڳي وقت تي يورپي يونين جيڪا ٽرمپ جي آمريڪا فرسٽ پاليسي سان سھمت نه ٿيڻ تي ٽرمپ يورپي يونين سان ٿيل دفاعي اتحاد نيٽو کي پڻ غير فعال ڪري ڇڏيو ھو. پر صدر بائيڊن نيٽو کي سرگرم ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه به نه ڳالهايو، حقيقت ۾ نيٽو غير سرگرم ئي بارڪ اوباما جي دور ۾ ٿيو ھو، جڏهن روس ڪرائيميا تي قبضو ڪيو ھو ۽ ٽرمپ وري ترڪيءَ کي يورپي تي بڇڻ جو ڪم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ يورپي يونين ھن وقت ھڪ ڪمزور خطو نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نيٽو جو فوجي اتحاد يورپي يونين جي دفاع ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، اھو ئي سبب ھو جو جرمن چانسلر انجيلا مرڪيل فرانس جي صدر ميڪران کي يورپي يونين جي ڌار فوج رکڻ تي زور ڀريو ھو، ھاڻي اھو صدر بائيڊن تي آهي ته ھو يورپي يونين سان ڪيئن ٿو ناتا بحال ڪري ۽ نيٽو جي فوجي اتحاد کي سرگرم ڪري، انهن سڀني اشوز کان سواءِ صدر بائيڊن جي لاءِ ٻاھرين دنيا ۾ خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جتي ھن ايران سان اوباما دور ۾ ڪيل فائيو پلس ون واري فارمولي تحت نيوڪليئر معاملو حل ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ سان ئي خطي ۾ محمد بن سلمان ۽ نيتنياھو لابنگ فرمن تي پنهنجو اثر ھلائڻ جي لاءِ سوچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته محمد بن سلمان تي جمال خشوگي جي قتل واري ڪيس ۾ پڪڙ ٿي ته پوءِ سعودي بادشاھت به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي جڏهن ته نيتنياھو ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ ڊيل آف دي سينچري تي جيتوڻيڪ صدر بائيڊن کي خدشا آهن پر پوءِ به ھن يروشلم کي گادي جو ھنڌ تسليم ڪندي عرب امارات طرفان يروشلم ۾ سفارتخاني کولڻ تي ڪجهه به نه چيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ طرفان افغان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ زلمي خليل زاد کي ڳالهيون جاري رکڻ جي لاءِ  اجازت ڏني آهي، انهن سڀني اشوز کان سواِءِ صدربائيڊن جي آڏو ٻه اھم اشوز آهن، جنهن ۾ پھريون ته آمريڪا مان ٽرمپ ازم جي پاڙ ڪيئن پٽجي، ڇاڪاڻ ته گورا انتھاپسند صدربائيڊن کي وائيٽ ھائوس جي عمارت ۾ موجود ھڪ ڪمزور ڪراڙو قيدي ٿا سمجهن پر اھڙن ماڻهن يا پرائوڊ بوائز جي سوچ مان ڪيو اينان طرفان ڀريل زھر ڪيئن ڪڍن، ان جو بھترين حل ٽرمپ جي خلاف مواخذي واري ڪيس کي ھلائي کيس نااھل ڪرائڻ جي ۽ ساڳي وقت تي پرائوڊ بوائز ۽ ڪيو اينان جي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جو وري برين واش ڪري انهن کي سڌي دڳ تي آڻجي ته جيئن باقي ماڻهن جي ذھن مان غلط تصور خارج ٿين، ٻيو اھم اشو جنهن ۾ لڳاتار ٽي اھم مسئلا اچي ٿا وڃن، پھريون ڪورونا واري وبا دوران چين ۾ ٿيل لاڪ ڊائون جي پس منظر ۾ معاشي طور تي 6.8 سيڪڙو لاٿ ٿي ھئي پر ڪورونا کانپوءِ 2.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن برطانيا سوڌو يورپي يونين ۽ آمريڪا نئين ويريينٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي، ٻيو ته چين گذريل ڇنڇر ۽ آچر تي پنهنجا جنگي جھاز تائيوان جي سرحدن ۾ موڪليا آهن، جنهن تائيوان جي صدر کان رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن، ٽيون چين جي اسيمبلي ھڪ قانون پاس ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪوسٽ گارڊن کي حڪم مليل آهي ته چين جي سامونڊي سرحدن ۾ ڪو به جھاز غيرقانوني طور تي داخل ٿئي ته ان کي تباهه ڪيو وڃي، انهن سڀني ڳالهين کان ھٽي ڪري وال اسٽريٽ جنرل پنهنجي ھڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جو اعليٰ سفارتڪار پنهنجي آمريڪي ھم منصب سان ملي ڪري شي جنپنگ ۽ بائيڊن سربراھي گڏجاڻي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ آمريڪا جي چيني سفارتخاني انڪار ڪيو آهي، صدر بائيڊن جي لاءِ ھاڻي سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته ھو چين سان ڪھڙي انداز سان معاملا طئه ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو