164

سمورن ملڪن تائين ڪورونا ويڪسين جي پهچ ۽ آسان دستيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ ۽ ڊومينيڪا جي وزيراعظم روز ويليٽ اسڪريٽ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي شي جن پنگ چيو ته چين سمورن ملڪن تائين ڪووڊ- 19 ويڪسين جي پهچ ۽ آسان دستيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته چين ۽ ڊومينيڪا وچ ۾ وبا جي روڪٿام لاءِ تعاون ڌرين وچ ۾ گهري دوستي جو اظهار آهي. چين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊومينيڪا سميت ٻين اسرندڙ ملڪن جي مدد ۽ حمايت جاري رکندو. چيني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي صحت جي عالمي اداري جي پختي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ انساني صحت جي برابري واري معاشي جي تعمير لاءِ سهڪار ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو