175

جرمن چانسلر انجيلا مرڪل پاران نئين آمريڪي صدر کي جرمني جي دؤري جي دعوت

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر انجيلا مرڪل نئين آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ جلد جرمني جي دؤري جي دعوت ڏني آهي. جرمن چانسلر جي ترجمان مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ عالمي معاملن تي ويجهن رابطن تي اتفاق ڪيو ويو. مرڪل عالمي صحت جي اداري ۽ پيرس معاهدي ۾ آمريڪا جي واپسيءَ جي فيصلي تي جوبائيڊن جي تعريف ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو