161

وزيراعظم جي مددگارن ۽ صلاحڪارن جي خاص مقرريءَ خلاف درخواست تي ٻُڌڻي 11 فيبروريءَ تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي 16 صلاحڪارن ۽ مددگارن جي مقرريءَ خلاف درخواست تي ٻُڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي ڌُرين جي وڪيلن کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد قاسم خان نديم سرور ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. عدالت جي روبرو درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 92 تحت وزيراعظم جي سفارش تي صرف اسيمبلي ميمبر ئي وفاقي وزير جي عهدي تي مقرر ڪري سگهجي ٿو. آئين جي آرٽيڪل 2 اي تحت غير چونڊيل شخص رياست جي اختيارن جو استعمال نٿو ڪري سگهجي. درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 90 جي ضمين شق هڪ تحت وفاقي حڪومت غير چونڊيل شخص کي شامل ڪري نٿي هلائي سگهي، جڏهن ته ٻٽي شهريت وارا صلاحڪار آهن. عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته آرٽيڪل 90 جي ضمني شق هڪ تحت چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي وفاقي وزيرن جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست جي حتمي فيصلي تائين وزيراعظم جي سڀني غير چونڊيل خاص صلاحڪارن کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو