ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا 30 هزار پرائمري استادن جون ڀرتيون اين ٽي ايس کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل ۽ تعلقه سطح تي ڪيون وينديون. جڏهن ته سنڌ ڪابينا مينهن سبب متاثر ٿيلن جي امداد لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾سُڌ ڏني وئي ته سنڌ ۾ پي ايس ٽيز جون 30 هزار ۽ جي ايس ٽيز جون 7 هزار خالي جايون آهن. جنهن کان پوءِ سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل ۽ تعلقه سطح تي ٿينديون، بي ايس ايجوڪيشن، بي ايڊ آنرز لاءِ 4 مارڪون، ايم ايڊ لاءِ 2 مارڪون ۽ بي ايڊ پاس ڪرڻ لاءِ هڪ مارڪ رکي ويندي، اهي مارڪون انهن اميدوارن کي ڏنيون وينديون جيڪي لکت وارو امتحان پاس ڪري وٺندا.پرائمري استادن جون ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ٿينديون، ۽ جي ايس ٽيز جون ڀرتيون ايس پي ايس ذريعي ٿينديون. ڪابينا جي ڪجهھ ميمبرن استادن جي مختلف ڪيٽيگرين جهڙوڪ جي ايس ٽي، پي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ مضمون جي ماهرن تي اعتراض اٿاريا. ڪابينا ميمبرن جو خيال هو ته صرف ٻه ڪيٽيگريون پرائمري ۽ سيڪنڊري هجڻ گهرجن، جنهن تي سنڌ ڪابينا ڀرتين واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ نثار کهڙي، سردار شاهه ۽ سعيد غني تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن کان نين ڀرتين بابت سفارشون طلب ڪيون ويون آهن. سنڌ ڪابينا مينهن سبب متاثر ٿيلن جي امداد لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. متاثر ٿيلن کي مالي امداد موبائل بئنڪنگ ذريعي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، امداد جي ورهاست لاءِ 3 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي، ڪميٽي ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ناڻي ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا سيڪريٽري به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان روينيو کاتي کي 15 ڏينهن اندر امدادي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. متاثرين پنهنجو اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ بينڪ کي ڏيکاري بينڪ اڪائونٽ کولڻ کان سواءِ امدادي پيسا حاصل ڪري سگهندا. .مينهن ۽ ٻوڏ دوران زخمي ٿيل 103 ماڻهن مان هر هڪ کي 25 هزار روپيا ڏنا ويندا، مڪمل طور تباهگ ٿيل هر هڪ پڪي گهر جي ڌڻي کي 20 هزار روپيا ۽ ڪچي گهر جي ڌڻي کي 10 هزار روپيا ڏنا ويندا ۽ معمولي نقصان واري گهر جي ڌڻي کي 5 هزار روپيا ڏنا ويندا. مري ويل وڌي ڍور تي 10 هزار روپيا ۽ ٻڪري/رڍ، گڏهه جا 2 هزار روپيا ڏنا ويندا. سنڌ ڪابينا ٿرپارڪر ضلع ۾ غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، پوليس اسٽيشن لاءِ 3 ڪروڙ 20 لک روپيا رکڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ زراعت کاتي ڪابينا کي درخواست ڪئي ته زراعت کاتي کي ايجوڪيشن ورڪس وانگر ئي مختلف اڏاوتي ڪم ڪرائڻ پنهنجو ورڪس يونٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن سان اهي پنهنجي سر ئي مارڪيٽون توڙي ٻيل لاڳاپيل شعبن جون عمارتون ٺاهي سگهن. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير ان تجويز تي غور ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ سينئر ايڊوائيزر ورڪس نثار کهڙي، زراعت واري وزير اسماعيل راهو ۽ ناڻي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي. گهرو کاتي ڪابينا کي پوليس جو قانون يعني سنڌ پوليس فيملي ڪليم رولز 2020 ۾ شهيد، فوت ۽ غازي ڪوٽا تي ڀرتي پبلڪ سروس ڪمشن بنا سڌي ريت ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۾ نئين شق شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ڪابينا گهرو کاتي جي اي سي ايس عثمان چاچڙ، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري قانون ۽ آءِ جي پوليس جي نمائندي تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا قانون، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي مختلف فيصلن جو جائزو وٺي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. سنڌ ڪابيناسمورا دارالامان ۽ سيف هائوسز سوشل ويلفيئر کاتي کان وومين ڊولپمينٽ کاتي کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته وومين ڊولپمينٽ کاتو ۽ سوشل ويلفيئر جي ڪمن جو جائزو وٺي ۽ جيڪڏهن اهي هڪ جهڙا آهن ته پوءِ ٻنهي کاتن کي هڪ ضم ڪيو وڃي.
181