199

پوليس وارئو، ڪجهه ته خدا جو خوف ڪريو، گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل نه ٿيو ته ايس ايس پي خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏبو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته پوليس وارئو، ڪجهه ته خدا جو خوف ڪريو، جيڪڏهن اڄ گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته لاڳاپيل ايس ايس پي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين. ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي والد عدالت کي ٻڌايو ته شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ويس پر ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي. معزز جج عدالت ۾ موجود پوليس عملدارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڪير هو، ڇا هي اهلڪار هو؟ درخواستگذار چيو ته جج صاحب، هي اهلڪار ته ٿاڻي تي موجود ئي نه هو. عدالت گم ٿيل شهرين کي ترت بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو