178

مصنوعي روشني سان پيدا ٿيندڙ گدلاڻ…

ليکڪ: الطاف ابڙو

اونداهي رات ۾ طرحين طرحين جي روشنين سان جرڪندڙ شهرن جون تصويرون ڏسڻ ۾ ته ڏاڍيون وڻندڙ لڳن ٿيون پر 24 ڪلاڪن تائين شهرن کي روشن رکڻ جي قيمت ماحولياتي گدلاڻ جي صورت ۾ چڪائڻي پئجي رهي آهي،17 جنوري 1994ع تي آمريڪا جي لاس اينجلس شهر ۾ جڏهن زلزلو آيو هو، ته اتي بجلي به بند ٿي وئي هئي، گھٻرايل ماڻهن پوليس کي فون ڪيو، ڪن ماڻهن ته ايتري تائين به چيو، ”ڌرتي جي ڌٻڻ کان به وڌيڪ اهي آسمان جي نظاري کي ڏسي ڊڄي رهيا آهن. ڪاري آسمان ۾ ڪجهه چمڪي رهيو هو، ٽمڪي رهيو هو.“ اصل ۾ اهي ماڻھو آسمان ۾ تارن کي ڏسي ڊڄي ويا هئا. لاس اينجلس ۾ رهندڙ گھڻن ماڻهن اهو نظارو پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو، حقيقت ۾ مصنوعي روشنين ڄڻ ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. 19 هين صدي ۾ جڏهن بجلي جي کوجنا ڪئي وئي ته اهو هڪ وڏو انقلاب هو. اڄ سئو سالن کان پوءِ ته بجلي کان سواءِ رهڻ جو تصور ئي مشڪل آهي. پر هاڻي دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي روشني جي گدلاڻ جو شڪار آهي. سنگاپور ۾ آسمان ايترو ته روشن آهي جو ماڻهن جي اکين کي اونداھه جي عادت ئي نه رهي آهي، جرمن سائنسدان ڪرسٽوفر ڪبا جو چوڻ آهي ته مصنوعي روشني جيو منڊل (بايوسفيئر) کي سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، سندس چوڻ آهي ته فطرت اسان کي اشارا ڏئي ٿي،”ٻڌائي ٿي ته هي ڏينهن ۽ هي رات آهي پر جن علائقن ۾ روشني جي گدلاڻ تمام گھڻي آهي اتي اهي اشارا تمام گھٽجي چڪا آهن.“ سائنسدان جي دعويٰ آهي ته اسان جي ڌرتي هر سال ٻه سيڪڙو وڌيڪ روشن ٿي رهي آهي، شهرن ۾ رهڻ وارا روشني جي گدلاڻ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪراچي جهڙي شهر ۾ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي اڻاٺ جا مسئلا آهن پر تڏهن به اتي جا ماڻهو هاڻي جهڙوڪر 24 ڪلاڪ مصنوعي روشنين ۾ ئي گذارين ٿا، جڏهن ته بجلي جي غيرموجودگي ۾ گئس ۽ پيٽرول وغيره سان روشني ڪرڻ وارو رجحان ٻيڻي ٽيڻي نقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي، خاص ڪري روشني ۾ سمھڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، مصنوعي روشني گھڻي ڪارائتي سهي پر اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته روشني جي گدلاڻ خاص ڪري انسانن جي صحت ۽ زندگي لاءِ تمام وڏي نقصانڪار آهي. ان جا مٿن گهڻا اثر پون ٿا، ان سبب اسان جي حياتياتي گھڙي کي نقصان رسي ٿو يعني اسان جو رات ڏينهن جو رڌم يا معمولات منفي طور متاثر ٿين ٿا، ميلاٽونن نالي هارمون جيڪو خاص ڪري ننڊ سان واسطو رکي ٿو مصنوعي روشني ان کي کاري خراب ڪري ٿي ۽ ان ڪري انسانن جي ننڊ جو نظام متاثر ٿئي ٿو نه صرف اهو پر ننڊ جي متاثر ٿيڻ ڪري ان جا زندگي جي ڪيترن ئي ٻين معاملن تي به خراب اثر پون ٿا، ان مصنوعي روشني جي نتيجي ۾ ئي اوجاڳو، ڊپريشن، ڪئنسر توڙي دل جون بيماريون به پيدا ٿي سگھن ٿيون، نه صرف انسان پر روشني ماحول، وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ جانورن ايتريقدر جو جيت جڻين کي به نقصان رسائي رهي آهي. هڪ تحقيق مطابق جرمني ۾ رات جو ٻاهر نڪرڻ وارا 100 ارب جيت موت جا شڪار ٿين ٿا، انهيءَ ريت سٽريٽ لائيٽس جي ڀرپاسي وارن وڻن ۽ ٻوٽن تي ميوا ۽ گل گھٽ مقدار ۾ ٿين ٿا، يقينن بجلي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪرڻ جو به مک سبب آهي، بجلي جي تياري لاءِ اڃا تائين به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪوئلي تي ڀاڙيو ويندو آهي، تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ بجلي جي استعمال سان هر سال هڪ ڪروڙ ٽن کان به وڌيڪ سي او ٽو خارج ٿي رهيو آهي ۽ ڪاربان جو ايڏي وڏي مقدار ۾ خارج ٿيڻ ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلين جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ انسانن جي صحت، ان جو وجود ۽ ايتريقدر جو انسانن جو آئندو به هڪ سواليا نشان بڻجي چڪو آهي. ان ڪري سڄي دنيا ۾ هن وقت اها مهم هلي رهي آهي ته انسان کي مصنوعي روشني بدران فطرت جي طئه ڪيل ڏينهن ۽ رات جي روشني تي وڌيڪ ڀاڙڻ گهرجي ۽ ايترو سهولت پسند نه ٿجي جو دنيا ان لاءِ گدلاڻ جو اهڙو گولو بڻجي وڃي جنهن تي ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي وڃي ۽ اتي حياتياتي جياپو ناممڪن بڻجي وڃي، ان ڪري اچو ته فطرت جي مڌر چانڊوڪي ۾ جيئڻ سکون ۽ انتهائي سڪون واري ان هلڪي روشنيءَ ۾ زندگي جي رمزن کي نئين سري سان ڳوليون اهي رمزون جيڪي هٿرادو روشني اسان کان کسي ورتيون آهن، هونءَ به اهو طئه آهي ته جتي به انسان فطرت جي اصولن کي پٺي ڏئي ترقي جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي کيس نقصان ئي پهتو آهي، اصل ڏانهن موٽ يقيني آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته مصنوعي روشني جي گهڻي استعمال کان پاسو ڪري قدرت طرفان مليل نعمتن مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زندگي کي محفوظ بڻايون، ڇو ته اهو ئي قدرت جو فرمان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو