184

ادب دوست ڪردار علي احمد لنڊ جي موڪلاڻي…

ليکڪ: اعظم ڀٽي

مون هُن جي متعلق پهرين به لکيو هو ته ذاتي پسند يا ناپسند، عارضي ذاتي نوعيت جا اختلاف مجموعي سُٺاين واري عمل کان ڪڏهن به ڪنهن به صُورت ۾ مٿي ٿي نٿا سگهن، اهو به طئه ٿيل اصول آهي ته تنگ نظري يا ڪنهن به شعبي ۾ انتها پسندي هميشه منفي اثر ڇڏيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن صفا معمولي قسم جا اختلاف، سُٺن ناتن جو بنياد بڻجي ويندا آهن، ته ڪڏهن وري سُٺا ناتا معمولي قسم جي ڳالهين جي ڪري ختم به ٿي ويندا آهن پر حقيقت اها آهي ته سوين اختلافن جي باوجود به جنهن به فرد جو ڪردار جيترو لهڻي ٿو، اهو حق ان کي ملڻ گهرجي، انهن مان هڪ فرد اهڙو به هو جيڪو مختلف حوالن سان گڏ هڪ علم ۽ ادب دوست واري ڪردار جي سڃاڻپ به رکندڙ هو, ان حوالي ئي مونکي سندس شخصيت قلم کڻڻ لاءِ قائل ڪيو، ٻيو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته هن ۾ سهپ ۽ برداشت جو مادو تمام گهڻو رهيو، ڪير ڇا به چئي وڃي, هو هر وقت مُسڪرائيندو رهندو هو, اهڙي قسم جي مُسڪراهٽ, مزاج ۽ طبعيت, اڳئين ڪاوڙ ڪرڻ واري شخص لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب بڻجندي به مون ڏٺي، نوڪري دؤران آئون سندس ماتحت هوندي سخت عتاب جو شڪار به رهيس ته ڪچي سرڪاري ملازمت جي پڪي ۽ مستقل ٿيڻ لاءِ اسان هاءِ ڪورٽ کان وٺِي سپريم ڪورٽ تائين وڃي پهتاسين پر سندس مجموعي ڪم ۽ ڪردار مونکي پنهنجو اهو عتاب وارو زمانو وسارڻ تي مجبور ڪري ٿو، ان سموري وارتا جو پوتاميل ۽ حوالو علي احمد لُنڊ ئي آهي . علي احمد لنڊ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ سعيد خان لنڊ ۾  2 اپريل 1956ع تي جنم ورتو، سندس والد جو نالو نور محمد لُنڊ آهي، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين ، 1967ع ۾ گورنمينٽ عبدالرحيم ڪاتيار هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو، جتان 1972ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ، 1974ع ۾  انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪيائين ،1977ع ۾ ان ئي ڪاليج مان بي اي جي تعليم حاصل ڪري ، 1979ع ۾ ايم اي ( پوليٽيڪل سائنس) ڪيائين، 1974ع ۾ سعيد خان لُنڊ مان روزاني هلال پاڪستان جو رپورٽر ٿيو، جنهن بعد روزاني عبرت سان سلهاڙيل رهيو، روزاني آفتاب اخبار جو نيوز ايڊيٽر پڻ رهيو، سندس لکڻيون روزاني عبرت، هلال پاڪستان، آفتاب، ڊان، سُهڻي مئگزين، ميگ ڪراچي، هير (انڊيا) ۾ شايع ٿيون، سرڪاري نوڪري جي حوالي سان سڀ کان پهرين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، بعد ۾ ڪميشن پاس ڪري انفارميشن کاتي ۾ آفيسر طور ڀرتي ٿيو، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هڪ سرڪاري وفد وٺي چائنا ويو هو ته ساڻس گڏ ڪيترائي صحافي پڻ هئا، جنهن وفد ۾ سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ صحافت جي هڪ وڏي نالي سراج ميمڻ سان گڏ علي احمد لُنڊ پڻ شامل هو.1984ع ۾ سول سروسز ۾ اچڻ بعد صحافت کي خيرباد ڪيائين, حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر ( ڊي سي او ) رهيو، لوڪل گورنمينٽ، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ، ڪو آپريٽوز ، انڊسٽريز ۽ ڪامرس ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتن جو صوبائي سيڪريٽري رهيو، سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيائين، جده ( سعودي عرب )، ويٽنام ، فلپائن، چائنا، جاپان ۾ پاڪستان جي سرڪاري وفدن جي نمائندي طور شرڪت ڪيائين، ڪيترين ئي عالمي نمائشن ۾ پڻ ملڪ جي نمائندگي ڪيائين، سندس شمار سنڌ جي ناليوارن ڪامورن ۾ ٿيندو هو، هو 2010ع کان 2012ع تائين ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (ڊي سي او) رهيو، جنهن دوران  2010ع ۾ سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ شاعر پروانو ڀٽي ۽ امداد حسيني سان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سهڪار سان رهاڻيون رچايائين.  اپريل 2011ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي انتظاميه طرفان ٽي روزه “ منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽيول ” ڪرائي، علمي، ادبي، ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏياريائين، جنهن فيسٽيول ۾ “ ٽنڊو محمد خان جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ” جي موضوع تي شاندار سيمينار پڻ ڪرايائين، جن سمورين تقريبن جي ڪمپيئرنگ به مون ڪئي ،  نه رڳو اهو پر هُن ضلعي انتظاميه جي سربراهه جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان کي سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ آفيس پڻ مُيسر ڪري ڏني، هي اهو دؤر هو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز وٽ به پنهنجي آفيس نه هئي پر شاخ ٽنڊو محمد خان کي پنهنجي آفيس يعني پنهنجو هڪ علمي ۽ ادبي گهر ملي ويو هو، جيڪو گهر هاڻي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي. 1 اپريل 2016ع تي زندگيءَ جا سٺ سال پُورا ڪري صوبائي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سرڪاري ملازمت تان ريٽائر ٿيڻ بعد سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، 2018ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ٽنڊو محمد خان جي تڪ پي ايس 69 تان صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوار طور نامزدگيءَ فارم ڀرائي پي پي پي جي ٽڪيٽ ماڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين پر ٽڪيٽ نه ملي سگهڻ ڪري نه چاهيندي به پي پي پي جي نامزد اميدوار عبدالڪريم سومرو جي حق ۾ دستبردار ٿيو. فيبروري 2019ع کان شاهراهه فيصل ڪراچي مان روزاني “ مُرڪ ” اخبار جاري ڪيائين ، ان بعد سنڌي ٽي وي چئنل ”مُرڪ“ جو پڻ آغاز ڪيائين، جنهن جو سنڀاليندڙ سندس نيپاج فرزند ظهير احمد لُنڊ آهي. علي احمد لُنڊ پنهنجي شعوري عُمر کان وٺي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هميشه دلچسپي وٺندو رهيو ۽ انهن سرگرمين ۾ باضابطه طور شريڪ پڻ ٿيندو رهيو, ان کان علاوه هو علم ۽ ادب دوستيءَ واري ڪردار جي ڪري مختلف علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي شخصيتن جي پنهنجي وَس ۽ وت آهر تمام لِڪل طريقي سان مدد پڻ ڪندو رهيو، مطلب ته مجموعي طور سندس متحرڪ ڪردار وري به مطمئن ڪندڙ رهيو، ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد 25 جنوري 2021ع بمطابق 11 ربيع الثاني 1442 هجري بروز سومر تي فجر ٽاڻي علي احمد لنڊ اسان کان هميشه لاءِ جسماني طور وڇڙي ويو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو