ليکڪ: فيصل باري
ملڪ جي ڪجهه صوبن ۾ مقامي يا صوبائي ٻولي کي تعليم جي ذريعي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻين صوبن ۾ اردو، انگريزي يا وري ٻنهي زبانن جو استعمال ٿئي ٿو ۽ انهن ئي ٻنهي ٻولين کي اهم سمجهيو وڃي ٿو، ان بابت اهو بحث ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انگريزي تعليم جو ذريعو نه آهي ته ڇا ان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي؟ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اردو وانگر انگريزي ٻوليءَ کي به شروعاتي تعليم جو حصو هجڻ گهرجي، جڏهن ته ڪجهه ٻين ماڻهن جو خيال آهي ته انگريزي کي ڇهين درجي جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان وقت تائين ٻار جي گرفت اردو ۽ پنهنجي مادري زبان تي مضبوط ٿي وڃي. تعليم جي ذريعي جي حوالي سان اسان جي پاليسي اکڙيل آهي، اسان ان بابت ڪا به منصوبابندي نه ڪري سگهيا آهيون، اسان کي پنهنجي ٻارن کي ڪهڙيون ٻوليون پڙهائڻيون آهن ۽ ڪهڙي ٻولي ۾ ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرح تعليم ڏيڻي آهي، اسان تعليم جي ذريعي ۽ ٻولي سيکارڻ کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، اردو يا انگريزي کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ٻار ڪو مضمون پڙهندي اها ٻولي به سکي رهيا هوندا آهن، جنهن ۾ کين تعليم ڏني ويندي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هڪ ٻار اها زبان نه سکي ۽ نه ئي اهو مضمون سمجهي سگهي، جيڪڏهن اسان سائنس جو مضمون انگريزي ۾ پڙهائڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ ضروري آهي ته ٻار کي شروع کان ئي انگريزي ايندي هجي، هڪ ٻار مان اها اميد رکڻ ته هو ڪو مضمون سکڻ سان گڏ گڏ ان زبان کي به سکي جنهن ۾ کيس تعليم ڏني پئي وڃي ته اهو ان لاءِ ۽ انهن جي استادن لاءِ به ڏکيائي ۽ ناڪامي واري رستي جي برابر هوندو. تعليم جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي تحقيق سان ثابت ٿيون آهن.ٻار ان صورت ۾ بهتر سکندا آهن، جڏهن انهن کي انهيءَ ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي جنهن کي هو سمجهندا هجن، هي هڪ ظاهري ڳالهه آهي پر پوءِ به ان تي زور ڏيڻ گهرجي، شروعاتي سالن ۾ تعليم جو ذريعو اها ٻولي ٿي سگهي ٿي جنهن کي ٻار گهر ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ پاڪستان ۾ اهي عام طور تي علائقائي يا مقامي ٻوليون هونديون آهن، ٻار ڪيترين ئي ٻولين جي چونڊ ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪو ٻار انگريزي يا اردو ٻولي سکڻ چاهي ته ان کي اهي ٻوليون هڪ مضمون طور پڙهائڻ ۾ ڪو به عيب نه آهي. پر جيڪڏهن شروعاتي سالن کان وٺي ان وقت تائين جيستائين ٻار ٻين ٻولين جي حوالي سان ڏکيائي کي منهن نه ڏين ان جو تعليم جو ذريعو پنهنجي مادري ٻولي ۾ئي هجڻ گهرجي. والدين جي ترجيحن تي ٿيندڙ تحقيق مان اها ڳالهه واضح آهي ته اڪثر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس ٻار اردو ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ مهارت رکندڙ هجي. انهن ٻنهي ٻولين کي معاشرتي ۽ معاشي ضامن جي صورت ۾ ڏٺو وڃي ٿو، خاص طور تي انگريزي ٻولي کي معاشرتي ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو، ان حوالي سان ٿيندڙ تجربن مان به اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته معاشي ۽ معاشرتي ترقي بابت والدين جا خيال به غلط نه آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان شروعاتي تعليم ۾ مقامي يا علائقائي ٻولين کي ئي تعليم جو ذريعو بڻايون، انگريزي ۽ اردو ٻولين کي هڪ مضمون وانگر پڙهايون ۽ پوءِ هڪ اهڙي سطح تي جڏهن اسان اهو ڏسون ته ٻار ڪنهن ٻي زبان کي اختيار ڪري سگهي ٿو تڏهن ئي تعليم جي ذريعي کي ان جي مقامي ٻولي کانسواءِ ڪنهن ٻي زبان ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. اهو هڪ آسان ڪم نظر اچي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته اسان ان کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، اڄ به ڪجهه صوبا اهڙا آهن، جيڪي شروعاتي تعليم لاءِ مقامي ٻولين کي اهميت نٿا ڏين ۽ ان لاءِ اردو يا انگريزي کي ئي استعمال ڪن ٿا، اسان وٽ ان حوالي سان ڪا به واضح پاليسي نه آهي ته ڪهڙي سطح تي انگريزي ٻولي متعارف ڪرائڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ان کي ڇهين درجي ۾ متعارف ڪرايو وڃي. اسان وٽ ان بابت به ڪا وضاحت نه آهي ته ڇا اسان شروعاتي تعليم کانپوءِ تعليم جي ذريعي کي مقامي ٻولي مان تبديل ڪري انگريزي يا اردو ۾ ڪرڻ گهرجي يا نه؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻ گهرجي ته اهو ڪم ڪهڙي سطح تي ڪيو وڃي. پر جيڪا شيءِ ان مسئلي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهي آهي اها آهي تعليم جو معيار، ذريعا تعليم کان هٽي اسان جا اڪثر شاگرد جنهن معيار جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن اها به تسلي واري نه آهي، 10 سالا تعليم کانپوءِ ٻولي جي حوالي سان اسان جي شاگردن جي صلاحيت انتهائي خراب هوندي آهي، اڪثر ماڻهو اها شڪايت ڪن ٿا ته ميٽرڪ کانپوءِ به شاگرد صحيح انگريزي نٿا لکي سگهن پر اها ڳالهه اردو ۽ ٻين ٻولين جي حوالي سان به درست آهي، اسان شاگردن کي معياري تعليم نه پيا ڏيون، مسئلو صرف اهو نه آهي ته ذريعا تعليم لاءِ ڪهڙي ٻولي بهتر آهي پر اسان کي ان ڏس ۾ تعليم جي معيار کي به اهميت ڏيڻي پوندي، پنهنجي موجوده حالت کي ڏسندي اسان کي تحقيق سان ثابت ٿيل طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي اهي طريقا اهي آهن ته شروعاتي سالن ۾ مادري ٻولي يا گهر ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي ذريعاءِ تعليم هجڻ گهرجي. ان دوران ٻين ٻولين کي هڪ مضمون جي طور تي پڙهائڻ گهرجي ۽ ضرورت پوڻ تي ئي تعليم جي ذريعي کي مقامي ٻولي مان تبديل ڪري ٻي ٻولي ۾ آڻڻ گهرجي، آخر ڇو صوبن کي تعليم جي ذريعي جي حوالي سان هڪ مضبوط ۽ مستقل پاليسي ٺاهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي (ياد رهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم ۽ تعليم جو ذريعو هڪ صوبائي معاملو بڻجي ويو آهي) ان سوال جو جواب ڏيڻ مشڪل آهي، آئون سمجهان ٿو ته اسان کي تعليم جي ذريعي جي حوالي سان پاليسي تي عمل لاءِ هاڻ وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا، تعليم جي ذريعي جي پاليسي ۾ انهن شين کي واضح ٿيڻ گهرجي ته شروعاتي تعليم مقامي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ۽ ان دوران ٻارن کي ٻيون ٻوليون هڪ مضمون جي طور تي پڙهايون وڃن، ان کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿئي ته تعليم جو ذريعو انهن مان ڪنهن ٻي ٻولي کي بڻايو وڃي.