ايڊيٽوريل
خبرون آهن ته وفاقي حڪومت 70 هزار سرڪاري نوڪريون ۽ 117 ادارا ختم يا ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ گريڊ هڪ کان 16 جون 70 هزار خالي آساميون ختم ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت پاران ادارن جو انگ 441 مان گهٽائي 324 ڪيو پيو وڃي، نه رڳو ايترو پر ملازمن جي بنيادي پي اسڪيل، پگهارن ۽ مراعتن بابت پي اينڊ پينشن ڪميشن فيبروري 2021ع ۾ رپورٽ پيش ڪندو، ايف بي آر، ايس اي سي پي، اسٽيٽ بئنڪ، پي آءِ اي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ريلويز ۾ گورننس جي بهتري لاءِ لاڳاپيل وزارتن پاران گڏجي اصلاحن آڻڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، حڪومت جي بچت ۽ نئين سر تنظيم بابت قائم ڪيل ٽاسڪ فورس رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي ۽ اهڙي رپورٽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ٿيندي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ هڪ سال کان خالي پيل 70 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جي سمري تيار ڪئي پئي وڃي، وفاقي ادارن جا قسم 14 مان گهٽائي ايگزيڪيوٽو ڊپارٽمينٽ، خودمختيار ادارن ۽ قانوني ادارن تي ٻڌل 3 ڪيٽيگريون ڪيو ويو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رولز اينڊ بزنس ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سادو ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، اي گورننس لاءِ روڊ ميپ جي اڳ ئي منظوري ڏني وئي آهي ۽ وزارت ۽ ادارن جي ويب سائيٽس کي ٿري جي ورجن ۾ اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ويب پورشل جي تياري تي ڪم هلندڙ آهي، جيڪي جلد لانچ ڪيا ويندا، ان کانسواءِ ڪابينا ڊويزن سمريون تيار ڪري رهي آهي، جن کي جون 2021ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، رپورٽ مطابق سول انتظاميا جا جاري خرچ نامينل ٽرم ۾ منجمد ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ حقيقي بنيادن تي گهٽتائي ڪئي ويندي. جڏهن ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي وزارتن ۽ پنهنجي ماتحت ادارن کي ايم پي اسڪيلز ۽ اسپيشل پي اسڪيلز تي دنيا مان قابل ماهر ۽ پروفيشنل ڀرتي ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪرائي جي عمارتن ۾ قائم وزارتون ۽ ڊويزنون حڪومت جي ملڪيتي ڪوهسار بلاڪ ۾ منتقل ڪيون ويون آهن، ساڳئي طريقي سان ڪامرس ۽ ٽيڪسٽائل ڊويزن ۽ پوسٽل ۽ ڪميونيڪيشن ڊويزن کي پاڻ ۾ ضم ڪيو ويو آهي ۽ انٽرٽينمينٽ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ترقياتي بجيٽ جي وڌ کان وڌ موثر استعمال لاءِ به قدم کنيا ويا آهن، جنهن تحت پي ايس ڊي پي اسڪيمن لاءِ ڊويزنن طرفان منظوري جي حد وڌائي 2 ارب رپيا ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي ڊويزنون پاڻمرادو 2 ارب رپين تائين پي ايس ڊي پي اسڪيمون منظور ڪري سگهنديون.
جيتوڻيڪ هر حڪومت پنهنجون پنهنجون پاليسيون آڻڻ لاءِ بااختيار آهي، پر موجوده حڪومت جنهن جي سربراهه يعني وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جو عوام سان واعدو ڪيو هو، اهائي حڪومت مسلسل نوڪريون ۽ وسيلا ختم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن وفاقي کاتن مان 70 هزار نوڪريون ختم ڪيون ويون ۽ ادارن جو انگ گهٽايو ويو ته ان سان مهانگائي جي ماريل عوام جي هڪ طرف حق تلفي ٿيندي ته ٻئي طرف ملڪ ۾ بيروزگاري جي وڌندڙ طوفان تي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو، اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ بدران هڪ طرف ادارن کي وڪرو ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف وري نوڪريون به ختم ڪيون پيون وڃن، جنهن سان مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ماريل عوام جون آخري اميدون به ختم ٿي رهيون آهن، حڪومتن وٽ مسئلن جو حل ۽ وسيلا وڌائڻ جو هنر هوندو آهي، پر بدقسمتي سان موجوده حڪومت جي ان حوالي سان نه ڪا پاليسي آهي ۽ نه ئي وري ڪا منصوبابندي عوام تي هاڻ رحم ڪيو وڃي.