375

سنڌ يونيورسٽي پهرين فيبروري تي کولڻ جو فيصلو، انتظاميا پاران مرحليوار امتحان وٺڻ جو اعلان

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽيءَ کي پهرين فيبروري تي کولڻ جو اصولي فيصلو ڪندي مرحليوار امتحان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينار ۽ واءِ واز آن لائن وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت هيٺ تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ سيمسٽر امتحانن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي وي سيز، ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ استادن جي سيٽ تي چونڊيل سينڊيڪيٽ جا ميمبر به خاص دعوت تي شامل ٿيا. اجلاس ۾ ڪئمپس تي تعليمي سرگرميون شروع ڪرائڻ ۽ سيڪنڊ سيمسٽر جي امتحانن بابت تفصيلي غور ويچار کانپوءِ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته پھرين فيبروري کان يونيورسٽي کولي ويندي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت ڪورونا جي پيش نظر استاد توڙي شاگرد ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ جا پابند ھوندا ۽ ڪلاسن ۾ فيس ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته  امتحان پڻ مرحليوار وٺڻ جو فيصلو ڪندي پھرين مرحلي ۾ فائنل ايئر جي سمورن بئچن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ فائنل ايئر جي شاگردن کي فيبروري جي پھرين ھفتي ۾ يونيورسٽي گھرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.  ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جو چوڻ هو ته امتحان کان اڳ فائنل ايئر جا شاگرد استادن سان ميل جول ۽ پراجيڪٽس بابت رھنمائي وٺي سگھندا. اجلاس ۾  سيمسٽر امتحانن جو شيڊيول / ٽائيم ٽيبل جاري ڪرڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سمورن ڊينز ۽ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر کي شامل ڪيو ويو. اجلاس ۾  ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينار ۽ واءِ واز آن لائن وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪندي يڪراءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته سمورا سيمينار ۽ زباني امتحان فزيڪل ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو