172

عظمت سعيد چونڊيل حڪومت خلاف سازشن جو سرپرست هو، بهتر آهي ته هو ڪميشن کان الڳ ٿي وڃي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جسٽس (ر) عظمت سعيد چونڊيل حڪومت خلاف سازشن جو سرپرست هو، سندس لاءِ بهتر آهي ته هو ڪميشن کان الڳ ٿي وڃي. لاهور ۾ کوکر ڀائرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته حڪومت جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، نواز ليگ جي ٻين ميمبرن جيان کوکر ڀائرن کي به دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، نواز ليگ ڇڏڻ لاءِ سندن مٿان دٻاءُ وڌو ويو آهي، هنن پارٽي قيادت جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته کين انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ون مين شو پارٽي آهي، جڏهن اهو ڪمزور ٿيندو هي پارٽي وکري ويندي، هو هن وقت ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، عمران خان نواز ليگ بدران پنهنجي پارٽي تي ڌيان ڏئي، 15 کان 20 ميمبر پنهنجي ئي پارٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪوبه اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن هنن جا وزير ۽ اڳواڻ عوام آڏو ويندا آهن ته عوامي ردعمل جو منهن کين ڏسڻو پوندو آهي. هن چيو ته نواز ليگ کي ڇڏي ڏيو، عمران خان وارن کي تاريخي ناڪامي ۽ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو آهي، حڪومت جي خواهش دم ٽوڙيندي نظر اچي رهي آهي. مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم 10 پارٽين تي ٻڌل اتحاد آهي، هر پارٽي جو پنهنجو منشور، سوچ ۽ نظريو آهي، پر ڪوبه اختلاف ناهي، سوچ ۽ راءِ جو اختلاف هوندو آهي ته ان کي سٺي نموني بحث ڪري حل ڪري وٺندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت جي ڪابه ناڪام خواهش پوري نه ٿيندي، سندس ڄار ۾ وڏا سوراخ ٿي ويا آهن، جنهن کي هي ڦاسائڻ گهرن ٿا ته ان ۾ پاڻ ڦاسي پون ٿا. مريم نواز چيو ته جسٽس (ر) عظمت سعيد کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ سپريم ڪورٽ جي جج هجڻ دوران هن ڪيتري نيڪ نامي ڪئي هئي، ذاتي طور اثرانداز ٿي جي آءِ ٽي ٺهرائي، اڄ تائين ان جي سڃاڻپ واٽس ايپ زده جي آءِ ٽي ٿي وئي آهي، هن ذاتي طور ادارن کي واٽس ايپ ڪال ڪري جي آءِ ٽي ميمبرن جا نالا شامل ڪيا، چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش ۾ عظمت سعيد جو وڏو هٿ هو، چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف سازشن ۾ عظمت سعيد سرپرست هو، براڊ شيٽ واري معاملي ۾ هو نيب جو آفيسر هو، جڏهن ته فاروق اعظم جو بيان سامهون اچي ويو آهي ته هڪ ڊالرن وج الزام نواز شريف تي کل جوڳي ڳالهه آهي، نواز شريف کي بدنام ڪرڻ لاءِ نئون اسڪينڊل کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو اسڪينڊل سندن ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، حقيقتون سامهون اچن ها ته نواز شريف کي آجو قرار ڏنو ويو هو، هنن پنهنجن الزامن کي ڪوڙو ثابت ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ايڏي وڏي رقم برباد ڪري ڇڏي، نه رڳو برباد ڪري ڇڏي پر حڪومت جا وڏا آفيسر ريسٽورنٽس ۾ ويهي موسوي کان ڪميشن گهري رهيا هئا، انهن سڀني عملن جو حڪومت کي حساب ڏيڻو پوندو، حڪمرانن پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. هن چيو ته جسٽس عظمت سعيد عزت سان ڪميشن کان ڌار ٿي وڃي، ٻي صورت ۾ پاڪستاني عوام آڏو اهي حقيقتون آڻينداسين جيڪي سامهون نه پئي آيون. هن چيو ته عظمت سعيد ذاتي طور نواز ليگ جي حڪومت ۾ آفيسرن کي خوف ۾ آندو ۽ انهن کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. مريم نواز چيو ته بلاول ڀٽو جي بي اعتمادي رٿ بابت بيان ٻڌو آهي، پي ڊي ايم قيادت کي ان حوالي سان مڃائينداسين، بلاول وٽ نمبر آهن ته ضرور شيئر ڪري، اسان کي پي ڊي ايم اجلاس جو انتظار ڪرڻو آهي، پي ڊي ايم آڏو تجويز رکي ويندي ته ان تي بحث ٿيندو، سموريون پارٽيون فيصلو ڪنديون پوءِ اهو سڀني آڏو آندو ويندو. هن چيو ته لانگ مارچ تي اتفاق آهي، پيپلز پارٽي جي بي اعتمادي رٿ تي ڳالهائينداسين، لانگ مارچ تي به بحث ٿيندو، جڏهن ته استعيفائن جي وقت تي به بحث مباحثو به پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ئي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو