259

سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين وارو معاملو: نيب اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر برڪت جوڻيجو کي 7 سال قيد ۽ 48 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار گرفتار

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) احتساب عدالت سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي سوا ٽي ايڪڙ زمين خرد برد ڪرڻ خلاف داخل نيب ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي احتساب عدالت 3 اڳوڻن ڪامورن سميت 16 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر برڪت جوڻيجو کي 7 سال قيد ۽ 48 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، اڳوڻي ڊي جي اصغر عباس کي 5 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اڳوڻي ايم ڊي عمران کي به 5 سال قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ان کانسواءِ عدالت 13 جوابدارن کي 3_3 سال قيد ۽ 2_2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ 13 جوابدارن پلي بارگين ڪئي، هڪ اڃا تائين روپوش آهي ۽ هڪ جوابدار فوت ٿي ويو. جوابدارن خلاف زمين جي خرد برد جي جاچ نيب 2013ع ۾ شروع ڪئي، ريفرنس 2015ع ۾ داخل ٿيو.  جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدارن 312 ملين جي خرد برد ڪئي آهي، سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد هئا، عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو