لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شهباز شريف طرفان جيل ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ ۽ بورڊ ۾ ذاتي معالج کي شامل ڪرڻ واري درخواست تي لکت وارو حڪم جاري ڪندي سيڪريٽري صحت کي شهباز شريف جون ميڊيڪل رپورٽون فوري طور فراهم ڪرڻ ۽ سندس ذاتي معالج پروفيسر عارف خان، پروفيسر عقيل باري ۽ پروفيسر طاهر نصر کي بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊمن جج جواد الحسن گذريل شنوائيءَ جو 3 صفحن تي ٻَڌل فيصلو جاري ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته شهباز شريف کي ميڊيڪل رپورٽون فراهم ڪرڻ قانوني حق آهي ۽ سندس درخواست کي قانون مطابق نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. لکت واري فيصلي ۾ عدالت چيو ته جوابدار شهباز شريف مسلسل ميڊيڪل رپورٽن جي عدم فراهميءَ جي شڪايت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شهباز شريف جا ذاتي معالج سندس بيماريءَ کان چڱيءَ ريت واقف آهن. سندن ميڊيڪل بورڊ ۾ شموليت جوابدار جي طبي معائني دوران فائديمند ثابت ٿيندي. عدالت جي روبرو درخواستگذار شهباز شريف مؤقف اختيار ڪيو ته مان ڪينسر ۽ دل سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا آهيان، جيل ۾ چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، جنهن ۾ ذاتي معالج شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته بورڊ ۾ ڪينسر ۽ دل سميت سمورين بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر شامل ڪيا وڃن. عدالت 20 جنوريءَ تي پنجاب حڪومت کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ ۽ ان ۾ درخواستگذار جوابدار جي ذاتي معالج کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اُڪلائي ڇڏي. عدالت ان حوالي سان پنهنجو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
155