راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان اردن جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ميجر جنرل يوسف احمد الحنائتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي، پيشوراڻن معاملن ۽ علائقائي سلامتي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ پيشوراڻن، دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستان اردن سان گڏ ڀائراڻن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، اردن سان گڏجي سيڪيورٽي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اردن آرمڊ فورس جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارتن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
208