213

رتيديري جي پريمي جوڙي کي قتل ڪري لاش خاڻوٺ ڀرسان دفنائڻ جو انڪشاف، نشاندهي واري هنڌ پوليس پڪٽ قائم

سن (رپورٽ: ساگر سنائي) رتيديري جي پريمي جوڙي کي قتل ڪري لاش خاڻوٺ ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رتوديرو  پوليس خاڻوٺ پهچي  پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي. 3 مهينا اڳ رتيديري جي اسٽيشن پاڙي جي رهواسي شعيب جلباڻي ۽ سندس سئوٽ وحيدان جلباڻي جيڪي پسند جي پرڻي لاءِ گھران نڪتا هئا، انهن کي خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪرڻ کانپوءِ سندن لاش بنا غسل ڪفن جي  ڳجھه ڳوھ ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 11 ڏينهن اڳ رتيديري ٿاڻي تي مقتول شعيب جي ڀاءُ سهيل جلباڻي رتيديري پوليس اسٽيشن تي پهچي بيان ڏنو آهي ته منهنجو ڀاءُ شعيب ۽ سئوٽ وحيدان پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪتا هئا، جيڪا گم هئا ۽  مائٽ مسلسل انهن جي ڳولا ڪندا هئا ۽ انهن کي ڳولي هٿ ڪرڻ کانپوءِ شعيب ۽ وحيدان جي پاڻ  ۾ شادي جو ڏٽو ڏئي دوکي سان گھرائي گھر اندر بيدردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ رات جي اونداهي ۾ خاڻوٺ جي سنسان علائقي ۾ بنا غسل ڪفن جي لاشن کي ڳُجهه ڳوھ ۾ دفنايو ويو. مقتول جي ڀاءَ پاران اهڙي انڪشاف ڪرڻ کانپوءِ رتو ديرو پوليس جاچ شروع ڪري ڏني هئي ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو ويو هو،  گرفتار جوابدار جي  نشاندهي تي رتو ديرو پوليس جي جاچ آفيسر ايس آءِ پي منظور علي شر پوليس اهلڪارن سان گڏجي خاڻوٺ ٿاڻي تي پهچي خاڻوٺ پوليس کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ جوابدار جي نشاندهي تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته لاش دفنائڻ واري جاءِ جي ايندڙ ويندڙ رستن سميت سڄي علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي، پوليس پاران عدالت سڳوري کان قبرڪشائي جي اجازت وٺڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ويندي ۽ عدالت سڳوري جي اجازت ملڻ  کانپوءِ قبرڪشائي ڪئي ويندي ۽ لاشن جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو