147

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڄاڻايل رقم 5 سالن دوران ڏني ويندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قرض پروگرام جو مقصد ڪورونا سبب پيش آيل معاشي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ نقصان جي ازالي لاءِ پاڪستان کي سهارو ڏيڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ قرض واري رقم 2021ع کان 2025ع تائين فراهم ڪندي. بئنڪ ڊائريڪٽر مطابق خطي ۾ سمورن ملڪن جيان پاڪستان به ڪورونا سبب سخت متاثر ٿيو، لون پروگرام سان پاڪستان کي سماجي  ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ مدد ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو