249

سنڌ حڪومت جون اپيلون رد: سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جون اپيلون رد ڪندي ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته رياست پاران پنهنجي شهرين کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ خطرناڪ آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڊينيئل پرل جي قتل جي جوابدار جي آزادي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جوابدار جي آزادي خلاف تڪراري حڪم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل به ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڳجهي ڄاڻ لفافي ذريعي عدالت کي ڏيندي چيو ته احمد عمر شيخ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن، شاهديون موجود آهن پر ايئن ناهي ته عدالت ۾ ثابت ڪري سگهون، رياست خلاف ويڙهه ڪندڙ ملڪ دشمن هوندو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جيڪو مواد سپريم ڪورٽ کي ڏنو ويو اهو پهرين ڪنهن فورم تي پيش نه ڪيو ويو، جيڪا ڄاڻ ڪڏهن رڪارڊ ۾ آئي ئي ناهي ته ان جو جائزو ڪيئن وٺون؟ رياست وٽ ڄاڻ هئي ته احمد عمر شيخ خلاف ملڪ دشمني جو ڪيس ڇونه هلايو  ويو؟ جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته حڪومت احمد عمر شيخ کي ڪڏهن دشمنن جو ايجنٽ قرار ڏنو ئي ناهي، دهشتگردي خلاف ويڙهه کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، اها ويڙهه ڪڏهن ختم ٿيندي ڪا خبر ناهي، شايد ايندڙ نسلن تائين هلي، رياست پاران پنهنجي شهرين کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ خطرناڪ آهي. عدالت درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ڪجهه دير ۾ ٻڌائيندي سنڌ حڪومت طرفان جوابدار کي آزاد ڪرڻ واريون سموريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، ٽه رڪني بئنچ مان ٻن ججن فيصلو ٻڌائيندي عمر شيخ کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو