190

نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ مئچ سبب مک رستا بند ٿيڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو، نوٽيس جاري، 4 فيبروري تائين جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ مئچ سبب مک رستا بند ٿيڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو آهي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته شهر ۾ 25 ڏينهن لاءِ اهم رستا بند ڪيا ويا آهن، سڄو ڏينهن رستا بند هجڻ ڪري شهرين کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري جي درخواست تي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 4 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو