167

بني گالا واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان فائرنگ، نوجوان قتل، 3 ڄڻا زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بني گالا واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق فائرنگ وارو واقعو ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي واري تڪرار تان پيش آيو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو