ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) اينٽي ڪرپشن جي عدالت ٿاڻو بولاخان جي سرڪاري زمين جا جعلي کاتا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گرفتار ٻن جوابدارن جي هڪ هڪ لک مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ٿاڻو بولاخان جي ديهه ڪلوکوهر ۾ 195 ايڪڙ سرڪاري زمين جي هيراڦيري واري ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن جي حيدرآباد جي خاص عدالت ۾ ٿي. اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي سرڪل آفيسر منور نائچ ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٿاڻي بولاخان جي اڳوڻي مختيارڪار رضا محمد ڀٽو ۽ تپيدار مشتاق قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل بااثر بلڊر عرفان پٽيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس وڪيل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته کيس ڪورونا آهي ۽ هو گهر اندر آئسوليٽ آهي. اينٽي ڪرپشن عدالت ٻڌڻي کانپوءِ اڳوڻي مختيارڪار رضا محمد ڀٽو ۽ اڳوڻي تپيدار مشتاق قريشي جي هڪ هڪ لک مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته 13 جنوري 2021ع تي ٽن اڳوڻن مختيارڪارن، ٻن تپيدارن ۽ 4 خانگي ماڻهن مٿان ٿاڻو بولاخان جي ديهه ڪلوکوهر ۾ 195 ايڪڙ سرڪاري زمين جي هيراڦيري وارو ڪيس داخل ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن رضا محمد ڀٽو ۽ مشتاق قريشي کي گرفتار ڪيو هو.
183