146

اچو ته نوجوانن کي فيصلا سازي جو اختيار ڏيون..

ليکڪ: بشير جانوري 

تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن بابت ڪافي ڏھاڪن کان بحث جاري آھي.ادارن ۾ ڪيتري بھتري آئي آھي اھو ھڪ الڳ بحث آھي، پر تعليمي ادارن جي مسئلن سان گڏ شاگردن جي مسئلن، مونجھارن ۽ سندن فيصلي سازي بابت تمام گھٽ لکيو ويو آھي.آءُ گذريل ويھن سالن کان درس و تدريس سان واڳيل آھيان.بحيثيت ھڪ استاد جي تعليمي مسئلن ۽ مونجھارن کان نه صرف واقف آھيان پر مختلف وقتن تي اخبارن رسالن ذريعي شاگردن جي مسئلن ۽ فيصلي سازي بابت پڻ لکندو رھيو آھيان ۽ مسئلن جي  نشاندھي ڪري ان جا حل به ڏسيندو رھيو آھيان.ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ اسان وٽ شاگرد انيڪ مسئلن جو شڪار آھن.اسان وٽ پھرين درجي کان اٺين درجي تائين ٻار کي ھر صورت ۾ پاس ڪيو ويندو آھي پوءِ چاھي اھو لکي پڙھي سگھندو ھجي يا نه.اھي شاگرد جڏھن اٺ درجا پاس ڪري نائين درجي ۾ پھچن ٿا ته کين پنج کا ڇهھ مختلف مضمون پڙھڻا پون ٿا، ائين ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين درجي ۾ ھڪ ئي وقت مختلف سبجيڪٽ پڙھايا وڃن ٿا، جيڪي ھڪ ته طويل ھجن ٿا ٻيو ته پنجن کان ڇھن ڏينھن جي اندر کانئن امتحان ورتو وڃي ٿو، جيڪو شاگردن لاءِ ھڪ ڏکيو مرحلو ھجي ٿو.جڏھن اھي ئي شاگرد  يونيورسٽي ۾ داخلا وٺن ٿا ته ان وقت اھي ميچوئر عمر ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ٻيو ننڍو نصاب پڙھائي کانئن سيميسٽر واري نظام تحت امتحان ورتو وڃي ٿو، ان امتحاني نظام تحت شاگرد سٺن نمبرن سان پاس ٿي وڃن ٿا، اسان وٽ حيرت جي ڳالھه اھا به آھي ته ننڍي عمر جي شاگردن کان ساليانو امتحان ورتو وڃي ٿو، جيڪو ھڪ ڏکيو مرحلو آھي، ان ڪري ضروري آھي ته يونيورسٽي جيان نائين، ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين درجي ۾ سيميسٽر سسٽم لاڳو ڪرڻ گھرجي، ھر ڇھين مھيني شاگردن کان سيميسٽر ذريعي امتحان ورتو وڃي، جيڪو شاگردن لاءِ سولو ھوندو، ان طريقيڪار تحت شاگردن کي ڪاپي کان پڻ بچائي سگھجي ٿو، جڏھن ته شاگرد پڻ قابل پيدا ٿيندا.جڏھن ته پھرين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين پاس ۽ فيل وارو نظام رائج ڪرڻ گھرجي، اسان شاگردن کي پرائمري کان ئي رٽي واري تعليم تي ھيرائي ڇڏيو آھي جنھن ڪري شاگردن ۾ Creativity واري عنصر جي شديد کوٽ آھي.شاگردن کان فيصلي ڪرڻ واري قوت به کسي وئي آھي، ڇو ته ٻارڙن جي قسمت جا فيصلا والدين يا دوست ڪندا آھن، اسان جي تعليمي نظام ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي شديد کوٽ آھي، شاگردن کي جن شعبن ۾ وڃڻ گھرجي کين نٿو موڪليو وڃي.آئون ڪاليج ۾ ايندڙ شاگردن کان جڏھن سندن مستقبل جي باري ۾ پڇندو آھيان ته پنجانوي سيڪڙو ٻار چوندا آھن ته سائين اسين في الحال ڪو به فيصلو ناھي ڪيو.جيتوڻيڪ ڪاليج جا پھريان ٻه سال شاگردن لاءِ انتھائي اھم ھوندا آھن، مان پنھنجي ڪيريئر ۾ اھڙا شاگرد به ڏٺا آھن، جيڪي مئٿ ۾ قابل ھوندا آھن اھي ميڊيڪل ۾ داخل ھوندا آھن، جڏھن ته ڪافي شاگردن جي بائيولاجي بھتر ھوندي آھي سي انجينئرنگ ۾ داخل ھوندا آھن.جڏھن شاگردن کان پڇيو ويندو آھي ته اوھين آخر ائين ڇو ڪيو آھي ته سندن جواب ھوندو آھي ته کين والدين يا دوستن جي طرفان اھڙي قسم جي صلاح ڏني وئي آھي.ظاھر آھي ته  انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ۾ محدود سيٽون ھونديون آھن جنھن ڪري سڀ شاگرد سليڪٽ نٿا ٿي سگھن.سليڪشن کان رھجي ويل شاگرد مايوس ٿي ھٿ ھٿ تي ڏئي ويھي رھن ٿا، جنھنڪري سندن ڪيريئر داءَ تي لڳي وڃي ٿو، اھڙن شاگردن کي صلاح آھي ته ھو جنھن به مضمون ۾ ڀڙ آھن، يونيورسٽي ۾ ان مضمون ۾ داخلا وٺن ۽ ان ۾ محنت ڪن، اسان جي شاگردن جي بدقسمتي اھا به آھي ته ھو يونيورسٽي ۾ داخلا پڻ والدين ۽ دوستن جي صلاح مطابق وٺن ٿا، ھن اھم موقعي تي شاگردن کي پنھنجو فيصلو ڪرڻ گھرجي، اسان وٽ چٽاڀيٽي واري امتحان بابت پڻ شاگردن کي تيار نٿو ڪيو وڃي.مقابلي واري امتحان ۾ ويھي ھو بھترين نوڪري حاصل ڪري سگھن ٿا، شاگردن کي فني تعليم طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي بھترين ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا قائم آھن جتي پڻ تعليم حاصل ڪري روزگار حاصل ڪري سگھجي ٿو. پاڪستان انڊسٽري بيسڊ ملڪ ناھي ھتان جي اڪثريتي آبادي زراعت سان لاڳاپيل آھي.ان ڪري ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪري ڪو ننڍو وڏو روزگار ڪري سگھجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو