146

لانگ مارچ يا بي اعتمادي جي تحريڪ…؟؟

ليکڪ: سارا عتيق

پاڪستان جي 11 سياسي پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو مقصد ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گهر موڪلڻ آهي پر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي پارٽيون هڪ حڪمت عملي تي اتفاق ڪندي نظر نه ٿيون اچن،پي ڊي ايم جي 2 وڏين سياسي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن طرفان گذريل ڏينهن ۾ ڏنل متضاد بيانن مخالف ڌر جي اتحاد ۾ موجود نااتفاقي کي وڌيڪ چٽو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن مسلم ليگ نواز ۽ پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمان حڪومت مٿان دٻاءَ وڌائڻ لاءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جي تاريخن تي ڳالهه ڪندي نظر اچي رهيا آهن،ان وقت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان اهو بيان سامهون آيو آهي ته سندس پارٽي حڪومت هٽائڻ لاءِ آئيني، قانوني ۽ جمهوري طريقو اختيار ڪندي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ آڻڻ جي تجويز پي ڊي ايم آڏو پيش ڪندي.پر مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ان تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وٽ نمبر پورا آهن ته سامهون آڻي، سندس چوڻ هو ته سينيٽ ۾ نمبر گيم پوري هجڻ باوجود سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف آندل بي اعتمادي واري تحريڪ ناڪام ٿي وئي هئي، ان ڪري سندن جماعت بي اعتمادي واري تحريڪ جي حق ۾ نه آهي،  ڪيترن ئي سياسي مبصرن جو خيال آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) طرفان مختلف حڪمت عملين جي حوالن سان بيان پي ڊي ايم ۾ اندروني ڏڦيڙ طرف نشاندهي ڪري رهيا آهن پر نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ آهي ته اهو صرف راءِ جو اختلاف آهي جنهن کي ڳالهه ٻولهه سان حل ڪري سگهجي ٿو. محمد زبير پ پ جي بي اعتمادي تحريڪ واري تجويز بابت ردعمل ڏيندي چيو ته اسان جو جن قوتن سان مقابلو آهي اهي صرف پاڪستان تحريڪ انصاف نه آهن ۽ جيڪڏهن مخالف ڌر بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي ٿي ۽ اها بي اعتمادي واري تحريڪ گذريل تحريڪ وانگر ناڪام ٿي وڃي ٿي جيڪا صادق سنجراڻي خلاف آندي وئي هئي ته اهو پي ڊي ايم لاءِ وڏو ڌچڪو هوندو ۽ ناڪاميءَ کانپوءِ تحريڪ کي جيئرو رکڻ به هڪ چئلينج بڻجي ويندو.ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم ۽  پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چوي ٿو ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ غور هيٺ آيل سمورا آپشن آئيني آهن، ڀلي پوءِ اها لانگ مارچ هجي، پرامن احتجاج يا بي اعتمادي واري تحريڪ ۽ پيپلزپارٽي انهن سمورن ئي آپشنن کي کليل رکيو آهي، صحافي ۽ تجزيي نگار سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ پي ڊي ايم طرفان بار بار پنهنجا بيان ۽ حڪمت عملي تبديل ڪرڻ ان جي بيانيي لاءِ نقصانڪار آهي، پر اهو پي ڊي ايم ۾ ڪنهن اختلاف طرف اشارو نٿو ڪري، ڇو ته جيڪڏهن اختلاف ايتري تيزي پڪڙي وڃن ها ته هي اتحاد اڃا تائين قائم نه رهي ها، ٻئي طرف حڪومت پي ڊي ايم جي روزانو تبديل ٿيندڙ حڪمت عملي کان پريشان نظر نه پئي اچي، تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته نه اسيمبلي تان استعيفائن واري دعويٰ، نه جلسن ۽ هاڻ نه ئي بي اعتمادي جي تحريڪ حڪومت لاءِ ڪنهن دٻاءَ جو سبب آهي، ٻئي طرف وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ اهي ته جيڪڏهن  پي ڊي ايم حڪومت لاءِ ڪا مشڪلات کڙي ڪرڻ چاهي ٿي ته پهريان اهي اهڙي حڪمت عملي ترتيب ڏين، جنهن تي هو پاڻ 4 ڏينهن تائين بيهي سگهن.هن چيو ته هر روز تبديل ٿيندڙ حڪمت عملي حڪومت لاءِ ڪهڙو خطرو ٿي سگهي ٿي؟ پر سهيل وڙائچ سمجهي ٿو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پوري تياريءَ سان بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي ته لانگ مارچ جي مقابلي ۾ اها حڪومت مٿان دٻاءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ جو آپشن استعمال ڪري ٿي ته ان سان حڪومت تي دٻاءَ برقرار رکڻ لاءِ ڪيترن ڏينهن تائين روڊن تي ئي رهڻو پوندو، جنهن لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ عوامي سپورٽ گهربل هوندي، جڏهن ته پي ڊي ايم هڪ ڏينهن جو مارچ ڪري شام جو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي ٿي ته اهڙو عمل حڪومت مٿان ڪنهن طور به اثرانداز نه ٿي سگهندو. ان ڪري اهو سڀ ڪرڻ جي مقابلي بدران پي ڊي ايم تياريءَ سان بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي ٿي ته ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ به اهو حڪومت تي دباءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته ان لاءِ حڪومت کي پنهنجي اتحادين جي سپورٽ ۽ نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪرڻي پوندي، پر جيڪڏهن مخالف ڌر بنا تياري جي بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي ٿي ته اها حڪومت لاءِ بي ضرر هوندي. اهو پهريون ڀيرو نه آهي ته پي ڊي ايم طرفان حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي هجي، گذريل سال سيپٽمبر ۾ جڏهن پي ڊي ايم قائم ڪئي وئي ته مخالف ڌر جي پارٽين جو چوڻ هو ته اهي جلد اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيندا، جيڪو حڪومت جي برطرف ۽ نين چونڊن جو سبب بڻبو، پر اڃا تائين اهو نه ٿي سگهيو آهي، ان کانپوءِ پي ڊي ايم طرفان سينيٽ ۽ ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو پر هاڻ مريم نواز جي پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻئي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪنديون، صحافي سهيل وڙائچ جو خيال آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ طرفان ميدان خالي نه ڇڏڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو عقل وارو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون اسيمبلين ۾ رهي وڌ کان وڌ سيٽون کڻي حڪومت کي وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ٿيون، اسيمبلي کان ٻاهر رهي ائين نٿو ڪري سگهجي، هو چوي ٿو ته پي ڊي ايم جي پنهنجي رائونڊ ۾ ته حڪومت لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا نه ڪري سگهي پر مخالف ڌر جون پارٽيون ان تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ چاهين ٿيون ته کين گهرجي ته اهي تحريڪ جاري رکن ۽ جلسا، ريليون ۽ ٻيا آئيني طريقيڪار اختيار ڪندي حڪومت تي دٻاءَ وجهڻ جو سلسلو جاري رکن، ڇو ته اپوزيشن ليڊر طور عمران خان به هار نه مڃي نه هئي ۽ مختلف مرحلن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ کي جاري رکيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو