147

اڍائي سالن کانپوءِ پاڪستان ڪٿي بيٺل هوندو؟؟؟

ليکڪ: سهيل وڙائچ

فرض ڪريو موجوده حڪومت پنهنجو 5 سالن وارو مدو پورو ڪري وٺندي ان خلاف پي ڊي ايم ٽين طاقت ۽ سموريون اندروني يا کليل سازشون ناڪام وينديون، عمران خان جي رستي ۾ ڪا به وڏي رڪاوٽ نه ايندي، جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته اڍائي سالن کانپوءِ اسان ڪٿي بيٺل هونداسين؟ اسان جي ايندڙ ٻه ٽي سالن جا معاشي، سياسي ۽ سماجي ويزن ڪهڙا هوندا؟ اسان جي ناڻي واڌ جيڪا منفي جي ويجهو آهي اڍائي سالن کانپوءِ ڪٿي هوندي؟ ڪهڙا نوان موٽر ويز ٺهندا؟ بجلي جا ڪهڙا نوان ڪارخانا لڳندا؟ پاڪستان جو تعليمي نظام ڪٿي بيٺل هوندو؟ پاڪستان جي زراعت ۾ ڪيتري بهتري اچي چڪي هوندي؟ ڪيترا بيروزگار نوڪريون حاصل ڪري چڪا هوندا؟ ڪيترا بي گهر گهر حاصل ڪري چڪا هوندا ۽ ڪيترا غريب غربت جي لڪير کان مٿي اچي چڪا هوندا؟ڪيترا مفلس مهانگائي جي عذاب کان بچي سگهندا؟ انهن سوالن جا جيترا به مثبت جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي سچ ته اهو آهي ته اڍائي سالن کانپوءِ جي تصوير به ڌنڌلي ۽ غير واضح آهي ۽ ائين اسان جو مستقبل روش نه پر ڪارو نظر اچي رهيو آهي، ڪنهن حڪومت يا ليڊر سان اميدن جو لاڳاپجي وڃڻ ضروري هوندو آهي، قائداعظم محمد علي جناح مسلمانن جي سياسي ۽ معاشي مستقبل جي نويد کڻي آيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو  روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي اميد جو نعرو کڻي آيو ۽ ان اميد جي ذريعي نه صرف اقتدار تائين پهتو پر پنهنجي 5 سالن جي دور ۾ هن پنهنجي ويزن کي عملي صورت به ڏني، عمران خان نئين پاڪستان جي اميد ڏياري اقتدار ۾ آيو، سندس نعرو هو ته هو ڪرپشن فري پاڪستان ٺاهيندو، جنهن ۾ ماڻهو ٻاهر کان نوڪريون وٺڻ ايندا، پرڏيهه ۾ پيل اربين ڊالرن جي ڪاري دولت کي واپس آڻي ملڪ کي امير ڪري ڇڏيندو، قرض لاهي ڇڏيندو، بيروزگارن کي روزگار ڏيندو، بي گهرن کي گهر ڏيندو، جڏهن سندس حڪومت جو اڌ مدو ختم ٿي چڪو آهي ته هاڻ اهو ڏسڻو پوندو ته اڍائي سالن ۾ هن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان مان ڪيتري اميد پيدا ٿي آهي ۽ ڪيتريون اميدون مري ويون آهن؟ حقيقت پسنداڻو جائزو ورتو وڃي ته حڪومت جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي ڏسي آساني سان چئي سگهجي ٿو ته حڪومت نه ته پنهنجا هدف پورا ڪري سگهندي ۽ نه ئي وري واعدا پورا ٿيندا، جن ماڻهن کي هن حڪومت ۾ اميدون هيون اهي آهستي آهستي مايوس ٿي رهيا آهن ۽ جڏهن 5 سال پورا ٿيندا ته اهي حڪومت جو دفاع ڪرڻ جي قابل به نه رهندا، عمران حڪومت جا پهريان اڍائي سال ڪرپشن خلاف زوردار مهم ۾ گذري ويا،وڏا وڏا سياستدان ۽ بيوروڪريٽس جيلن ۾ وڌا ويا،نه ڪنهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ۽ نه ئي وري هو ڪنهن جي داٻي ۾ آيو، ظاهري طور تي ڪرپشن خلاف اها مهم سياسي طور تي وڏي ڪامياب رهي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف لاءِ ان جي حامين داد جا گل ورهايا، عمران خان کي ان حوالي سان اخلاقي ۽ سياسي برتري به رهي،پر جيڪڏهن مجموعي جائزو ورتو وڃي ان سڄي مهم سان نه ته ڪو مالي فائدو ٿيو ۽ نه ئي وري قومي سطح تي ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهيو، مهم ته زوردار هلي، پر ان جو معاشري تي اثر ٽڪي جو به نه پيو، ٿاڻي، ڪورٽ ۽ پٽواري جو دٻدٻو ۽ ڪرپشن جيئن جو تيئن جاري آهي، عام طور تي اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته حڪومت ٻاهران ايتريقدر ڪارو ناڻو واپس آڻيندي جو ملڪ جا وارا نيارا ٿي ويندا پر هن وقت تائين ان حوالي سان حڪومت هڪ پائي به واپس نه آڻي سگهي آهي، نه ئي معاشري ۾ پکڙيل ڪرپشن ۽ بدانتظامي ختم ڪري سگهي آهي، نئون پاڪستان دراصل ۾ پاڪستان جي مڊل ڪلاس جي مستقبل جو ويزن هو، جنهن کي عمران خان پنهنجو ڪري ورتو ۽ ان ويزن ۾ ميرٽ، پروٽوڪول کان آجي زندگي، انصاف ۽ ڪرپشن فري پاڪستان شامل هو، پڙهيل،مڊل ڪلاس ۽ ڪارپوريٽ ڪلاس جو خواب اهو هو ته مراعت واري طبقي سندن ترقي جا جيڪي رستا محدود ڪري ڇڏيا آهن، اهي کولرايا وڃن، افسوس اهو آهي ته اڍائي سال گذرڻ باوجود مڊل ڪلاس جي انهن آرزوئن ۽ آدرشن کي پورو ڪرڻ طرف اڃا پهرين وک به نه کڄي آهي، هي مڊل ڪلاس اڃا تائين اميد لڳايو ويٺو آهي ته تحريڪ انصاف نيٺ سندس اميدن کي پورو ڪري اهڙو پاڪستان ٺاهيندي جنهن ۾ سڀني کي برابري جا موقعا ملندا، سڀني کي انصاف ملندو ۽ ڪير به ڪنهن ٻئي جو استحصال نه ڪندو. هجڻ ته اهو گهرجي ها ته پهرين اڍائين سالن ۾ مڊل ڪلاس جي ويزن جو گهٽ ۾ گهٽ بنياد ئي وڌو وڃي ها ۽ پوءِ ايندڙ اڍائي سالن ۾ ان خواب جي تڪميل ڪئي وڃي ها. افسوس سد افسوس ته اڃا تائين ان ويزن تي شروعاتي عمل به نه ٿي سگهيو آهي، اڍائي سالن جو مدو مڪمل ٿيڻ تي سوچڻو اهو آهي ته ڇا حڪومت 5 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان کي اڄ کان اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ جيڪڏهن بيانن تي غور ڪيو وڃي ته ائين ٿو لڳي ته اڍائي سالن کانپوءِ پاڪستان ڌرتي جي جنت وانگر ٿي ويندو، جتي نه ڪرپشن هوندي، نه بدانتظامي هوندي، لکين بي گهرن کي گهر ملي ويندا، بيروزگاري ۽ پاڪستان جي سموري معاشي ڏکيائي ختم ٿي ويندي پر جيڪڏهن افعال ڏسجن ته ائين لڳي ٿو ته 5 سال گذرڻ باوجود به پاڪستان اهڙو ئي هوندو جهڙو اڄ آهي.اسان اڳتي وڃڻ بدران پوئتي وڃي رهيا هونداسين يا ان ئي جاءِ تي بيٺا هونداسين، جيڪڏهن بدقمستي سان ائين ٿيو ته پاڪستان جو 5 سالن وارو سفر ته رائيگان ويندو ئي ويندو پر مڊل ڪلاس ۽ يوٿ جا خواب به خاڪ ۾ ملي ويندا ۽ ائين اميدون ٽٽي وينديون.موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کان هٽي اها پنهنجي بيانيي ۾ پوري طرح ڪامياب آهي، عمران خان جا شيدائي اهو سمجهن ٿا ته کيس ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي، مافياز ان جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، انهن پرستارن جي نظر ۾ عمران خان ٻه اڍائي سالن ۾ ملڪ ٺيڪ نٿو ڪري سگهي، کيس گهٽ ۾ گهٽ 2 ٽرمز مڪمل طور تي ملن ته تڏهن ئي اهو صحيح مڪمل تبديليون آڻي نئون پاڪستان ٺاهي سگهندو، عمران خان سياسي مخالف ۽ بزنس مڊل ڪلاس جي اڪثريت بلڪل مختلف سوچ واري آهي، سندن خيال آهي ته عمران خان جي موجود گي ۾ معاشي ترقي ۽ بحالي جو ڪو به امڪان نه آهي، اهي اهو سمجهن ٿا ته هن حڪومت جو جلد کان جلد خاتمو ئي ملڪ لاءِ بهتر رستو آهي، اڌ مدو پورو ٿيڻ  جي وقت ڪارڪردگي ۽ اهليت جو فيصلو نه ته پرستارن کي ڪرڻو آهي ۽ نه سياسي مخالفن کي، انگ اکر ۽ حالتون پاڻ ئي سچ ٻڌائي ڇڏين ٿا، ڇو ته سچ لڪي نٿو سگهي، اهو هر حال ۾ سامهون اچي وڃي ٿو منهنجي ذاتي راءِ به اها آهي ۽ جمهوري رستو به اهو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي مينڊيٽ مطابق 5 سال مدو پورو ڪري پر ان موقعي تي پارٽي ليڊرشپ کي اهو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي ته اڌ مدي ۾ انهن پنهنجي منشور مطابق ڪهڙا واعدا پورا ڪيا آهن؟بهتر ٿيندو جيڪڏهن عمران خان سينيئر پارٽي اڳواڻن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي جيڪي حڪومت کي منشور مطابق هلائڻ لاءِ مشورا ڏين، سڄي دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ سياسي پارٽيون حڪومت جو رخ درست رکڻ ۽ ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ ان قسم جون ڪاميٽيون ٺاهينديون آهن، تحريڪ انصاف کي پنهنجو اڌ مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سياسي ۽ معاشي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو مڪينزم ضرور بڻائڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ناڪامي صرف عمران خان جي ناڪامي نه آهي پر پوري مڊل ڪلاس، ڪارپوريٽ ڪلاس، اوورسيز پاڪستانين ۽ پگهاردارن جي ناڪامي هوندي. خواب صرف عمران خان جو نه ٽٽندو پر انهن سمورن طبقن جو مستقبل ٻيهر داءَ تي لڳي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو