155

گاڏي ۾ ڪتي جي سير واري معاملي تي گورنر پاران وضاحتي بيان جاري، وڊيو ٺاهي غيرسنجيده حرڪت ڪئي وئي: عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گاڏي ۾ ڪتي جي سير واري وڊيو وائرل ٿيڻ بابت پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪري وضاحت پيش ڪئي آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سندس چوڻ آهي ته وڊيو ٺاهي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، وڊيو ٺاهيندڙ هڪ ڪرپٽ حڪومت جو حصو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته جنهن گاڏي ۾ ڪتو نظر اچي رهيو آهي ان ۾ سندس ڪٽنب جا ڀاتي سوار هئا، جنهن وڊيو ٺاهي اهو هڪ ڪرپٽ حڪومت جو حصو آهي، پوليس موبائيل پروٽوڪول نه پر ڪٽنب جي حفاظت لاءِ هئي، اهڙي وڊيو ٺاهي غيرسنجيده حرڪت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هو ملڪ ۾ تبديلي لاءِ آيا آهن ۽ تبديلي آڻي ڏيکاريندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو