واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ايگزيڪٽو آڊرز جي سيريز تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق ايگزيڪٽو آرڊرز تي صحيح ڪرڻ جو مقصد ماڻهن جي زمين تي تيل ۽ گئيس جي نئين ليز تي ۽ توانائي لاءِ کوٽائي تي پابندي لڳائڻ آهي،ايگز يڪٽو آرڊر هيٺ 2030 تائين هوا مان پيدا ٿيندڙ توانائي جي مقدار کي ٻيڻو ڪرڻ آهي،صدر جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪا کي ماحوليات جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو.
144