230

آمريڪا ۾ نون چونڊيل عهديدارن ۽ سرڪاري ٺڪاڻن تي انتهاپسندن جي حملن جو خطرو، الرٽ جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي پارليامينٽ تي حملي کانپوءِ ملڪ ۾ حڪومت مخالف مقامي انتهاپسندن جي امڪاني دهشتگردي جو خطرو ظاهر ڪندي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق هوم لينڊ سيڪيورٽي جي جاري الرٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين طرفان 6 جنوري تي پارليامينٽ تي ٿيل حملي سان انتهاپسندن جي حوصلا افزائي ٿي آهي، جنهنڪري انتهاپسند نون چونڊيل عهديدارن ۽ سرڪاري ٺڪاڻن  تي حملا ڪري سگهن ٿا. هوم لينڊ سيڪيورٽي چيو ته اقتدار جي منتقلي ۽ ڪيپيٽل هل تي حملي کي نظر ۾ رکندي تشدد تي ٻڌل نظرين وارن حڪومت مخالف انتهاپسندن طرفان حملن جو خدشو ايندڙ ڪيترن ئي هفتن تائين رهي سگهي ٿو پر انهن وٽ ڪنهن مخصوص منصوبي جو اطلاع نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو