266

وفاق پاران سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آئيني ترميم وارو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آئيني ترميم وارو بل ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر وٽ موقعو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪري. هنن چيو ته سينيٽ چونڊ ۾ ووٽن جي خريداري ۽ وڪري کي روڪي سگهجي ٿو، آئيني ترميم سان ڳجهي ووٽنگ نه ٿي سگهندي، سنگل ٽرانسفر ايبل ووٽ جي جاءِ تي اوپن ووٽ جا لفظ استعمال ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو