شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) شيخوپوره ۾ پراڻي تڪرار تان پيءُ، پٽ ۽ ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. پوليس مطابق مريدڪي جي قلعه مسيتان هدو ۾ بٽ گروپ پاران قصاب گروپ جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ قصاب گروپ جو سربراهه رياست، سندس پٽ رئوف، گن مين معراج دين ۽ 2 ڀائر وقار ۽ عامر مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو رمضان زخمي ٿي پيو. پوليس مطابق ٻنهي گروپن وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٺاهه پڻ ٿيو هو، پراڻي تڪرار تان هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا درجين ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.
244