232

راولپنڊي پوليس جو سب انسپيڪٽر پيءُ سوڌو ڪورونا سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي پوليس جو سب انسپيڪٽر پيءُ سوڌو ڪورونا سبب فوت ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق راولپنڊي پوليس جو سب انسپيڪٽر عاصم رشيد ڪورونا سبب فوت ٿي ويو آهي، عاصم رشيد ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ 14 جنوري کان اين آءِ ايڇ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، سب انسپيڪٽر عاصم رشيد مورگاهه جو اڳوڻو ايس ايڇ او به رهي چڪو، جڏهن ته سندس والد به گذريل ڏينهن ڪورونا سبب فوت ٿي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو