واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس ڊينئل پرس قتل ڪيس جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ واري پاڪستاني عدالت جي حڪم تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جين پاسڪي بريفنگ دوران چيو ته پاڪستاني حڪومت تي زور ڏنو آهي ته فيصلي تي نظرثاني لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي. ان کان اڳ اٽارني جنرل آف پاڪستان جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ويندي.
