194

پيپلز پارٽي 7 اڪائونٽن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پنهنجي 7 مقامي اڪائونٽن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن جي  اسڪروٽني ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏيا آهن. پيپلز پارٽي جي وڪيل لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جتي چوي اتي انهن اڪائونٽن جي تصديق ڪرائي. هن چيو ته مارڪ سيگل جي لابي فرم کي پاڪستاني حڪومت هائير ڪيو هو، ان جو پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق ناهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ کي 3 فيبروري تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو