242

آرمي چيف پاران قطر جو دورو: دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار سوڌو علائقائي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻن ڏينهن واري دوري تي قطر ۾ موجود آهي، جتي هن قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سوڌو عسڪري قيادت سان ملاقات ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  ٻن ڏينهن واري دوري تي قطر پهتو، آرمي چيف احمد بن محمد ملٽري ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو مشاهدو ڪيو ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس جي سکيا جي معيار جي ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سوڌو عسڪري قيادت سان به ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقاتن دوران علائقائي جيوپوليٽيڪل صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر مطابق قطري قيادت پاران گڏيل اسٽريٽجڪ نوعيت جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو. ملاقات ۾ هٿياربند فوجن وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ لاڳاپن تي اطمينان جي اظهار سميت ٻنهي پاران گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ واري اهميت تي زور ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو